غلط ڄاڻ کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومون ٽاسڪ فورس قائم ڪري: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذيل قومن تي زور ڀريو آهي ته هو عالمي سطح تي غلط ڄاڻ کي روڪڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ  فورس قائم ڪري، جيڪا ميمبر ملڪن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائي سگهي.گروپ آف فرينڊز جي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي چيو ته غلط ڄاڻ، ان جي نيٽ ورڪس جو پتو لڳائڻ، تجزيا ڪرڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ حڪومتون ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. قومي ۽ عالمي ماهرن سان گڏ غلط ڄاڻ خلاف وڙهندڙ ادارن جي مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.