ڪراچي( رپورٽر) حيدرآباد ۾ پندرنھن ڏينھن اڳ قانون جي شاگرد اشفاق شر جي بي رحماڻا قتل خلاف پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجا جي مظاھرو ڪيو ويو, جنھن وڪلا برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي- جن سينئر وڪيل صدر ملير بار عبدالرزاق سولنگي, وڪيل محمد خان شيخ, ناصر رضا رند, ماجد شر, خالد شر, اياز چانڊيو, نثار شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته پندرنھن ڏينھن گُذرڻ باوجود حيدرآباد پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو ۽ پوليس قاتلن بچائي خون لوڙھڻ چاھي ٿي,نه پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪن پيا.03