عمراني فتني جو نقاب لهي چڪو آهي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾  وقت لڳندو، هڪ پارٽي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي، جاتي امرا ۾ مريم نواز سان مرڪزي جمعيت اهلحديث جي سربراهه سينيٽر پروفيسر ساجد مير وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ساجد مير مريم نواز کي نوازشريف جو اهم پيغام پهچايو، مريم نواز چيو ته عمراني فتني جو چهري تان نقاب لهي چڪو آهي، عوام هاڻي وڌيڪ دوکي ۾ نه ايندو، عمران خان پاڪستان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو

  • سنڌ اسيمبلي ۾ آصف زرداري جي والده، برسات ۽ زلزلي جي فوتين لاءِ دعا

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي امڙ جي لاڏاڻي تي  مغفرت جي دعا گهرائي وئي، هير سوهو، شميم ممتاز، غزالا سيال، خرم شير زمان، محمد حسين، فاروق ستار، شاهنواز جدون، لال چند اڪراڻي، شازيه ڪريم، خرم شير زمان ۽ رابستان خان پاران آصف زرادري جي والده تي افسوس ۽ دعا جي گهر ڪئي وئي، جڏهن ته مختلف ميمبرن پاران  برسات دوران فوت ٿيل ماڻهن توڙي افغانستان ۾ زلزلي سبب هڪ هزار ماڻهو فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا گهرائي وئي. 03

  • ڀارت کي ”خطرناڪ ملڪ“ قرار ڏيڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش

نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي عورت  ميمبر الهان عمر ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڀارت ۾ انساني حقن ۽ مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي سيڪريٽري اسٽيٽ انٿوني بلنڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت کي خطرناڪ ملڪ قرار ڏئي ڏي. آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ موجب اها قرارداد راشده طالب ۽ جووان ورگس جي حمايت سان جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ڀارت خلاف دليل پيش ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.