اسلام آباد( م ڊ) کنڀي گم ڪيلن بابت وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هر هفتي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي پاران اجلاس ۾ سمورا مڪتبه فڪر جا ماڻهو گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪميٽي جو اجلاس اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شازيا مري، وفاقي وزير سائنس ٽيڪنالاجي آغا حسن بلوچ ۽ دفاعي پيداوار واري وزير اسرار ترين به شريڪ ٿيا. ان سلسلي ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته هي ڪميٽي صرف ڪاغذن تائين محدود نه رهندي. اجلاس ۾ آمنه مسعود جنجوعا ۽ فرحت الله بابر کي به خاص طور گهرايو ويندو. آغا حسن بلوچ چيو ته ڪميٽي مان اميد آهي ته گم ڪيلن کي آزاد ڪرائي، والدين پريشان آهن.03