نوري آباد ويجهو عوام کي ٺڳڻ لاءِ نئون بلڊر ميدان ۾ اچي ويو، اڳواٽ اوڳاڙي

ڪراچي(خاص نمائندو) نوري آباد ويجهو سنڌ جي عوام کي ٺڳڻ لاءِ بن احسان نالي نئون بلڊر  ميدان ۾ اچي ويو، ڪراچي ۾ آفيس ٺاهي هوا ۾ پلاٽ ڏيڻ جا 5 لک رپيا اگهه به مقرر، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب بن احسان بلڊر اينڊ ڊولپرز  طرفان ڪراچي سميت پوري سنڌ جي عوام کي لٽڻ لاءِ نئين اسڪيم لانچ ڪئي وئي آهي، ان لاءِ ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ جبل رحمت ٽاور ۾ آفيس قائم ڪري عوام کي صرف 3 ڊي وڊيوز ڏيکاري هوا ۾ پلاٽ ڏيڻ  لاءِ 5 لک رپين ۾ بڪنگ به شروع ڪئي وئي آهي، بن احسان بلڊر عوام کي پنهنجي چنگل ۾ آڻڻ لاءِ سائيڊ پلان جي ٿري ڊي وڊيو ٺاهي ورتي آهي، پر اصل پراجيڪٽ واري هنڌ تي ڪجهه به نه آهي، پراجيڪٽ ۾ سٽي اسڪول، سٽي اسپتال، اي ڪيو خان اسڪول جا خاڪا به ڏنا ويا آهن پر ان حوالي سان اي ڪيو خان اسڪول سسٽم طرفان اهڙو ڪو به پراجيڪٽ آڻڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ جي بروشرن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي کان منظوري به ڄاڻائي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران جعلي هائوسنگ سوسائيٽين خلاف ڪيل سروي ۾ بن احسان گرين ويلي جو نالو به شامل ڪيو ويو آهي، ان باوجود به عوام کان اڳواٽ پئسا اوڳاڙي ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.