ڳاڙهي ۾ نينگر سان اجتماعي زيادتي جي تصديق

ڳاڙهو (رپورٽ: محمد علي راڻو) ڳاڙهي شهر جي رهواسڻ 9 ورهين جي نينگري زيادتي جو وارو معاملو چار ڏينهن اڳ ڳاڙھو شھــــر جي رهواسڻ  شهزادي ڌيءَ احمد ميمڻ کي ٻن وحشي جوابدارن طفيل ميمڻ رمون ميمڻ زيادتي جو نشانو بڻايو جنهن جي ايف آئي آر ڳاڙھو ٿاڻي تي داخل ٿيڻ کانپوءِ نينگري جي ميڊيڪل رول هيلٿ سينٽر ور مان ڪرائي وئي آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرياڻين پاران زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ جزا ليبارٽري ڪراچي موڪليا ويا آهن، ٻئي طرف نينگري جي والد احمد ميمڻ ۽ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته معاملي کي دٻائڻ لاءِ اسان تي راڄوڻي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اسان ڪنھن به صورت ۾ معاف نہ ڪنداسين اسان کي تحفظ سميت انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ساحيلي پٽيءَ جي سول سوسائٽي ڳاڙھو واقعي جو سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم نينگري سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ وارثن کي تحفظ فراهم سميت وارثن کي ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف پوليس ٻن جوابدارن طفيل ميمڻ ۽ رمون ميمڻ کي سول ڪورٽ گھارو جي عدالت ۾پيش ڪيو عدالت سڳوري 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.