ويانا دنيا جو بهترين شهر قرار، ڪراچي بدترين شهرن ۾ شامل

لنڊن (م ڊ) برطانوي مئگزين دي اڪنامسٽ جي  انٽيليجنس يونٽ پنهنجي رپورٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر  ويانا کي دنيا جو بهترين شهر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪراچي کي بدترين شهرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا جي راڄڌاني ويانا نيوزي لينڊ جي گادي واري شهر آڪلينڊ کان بهترين شهر جو ٽائيل کسي ورتو آهي، جيڪو پهرين نمبر مان 34 نمبر تي اچي ويو آهي، ڪوپن هيگ ٻيو، زيورخ ٽئين، ڪيلگري چوٿين ۽ وينڪوور 6 نمبر تي آهن، شهرن جي درجابندي انهن جي استحڪام، صحت سهولتن، ثقافت، ماحوليات، تعليم ۽ انفرااسٽرڪچر جي انڊيڪس موجب ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته رهائش لاءِ بدترين شهرن ۾ دمشق، لاگوس، طرابلس، الجزائر، ڪراچي، پورٽ مورسبي، ڍاڪا، هراري ۽ تهران شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.