روسي قونصل جنرل پاران پي ٽي آءِ حڪومت سان تيل معاهدي کان اڻڄاڻائي

ڪراچي (م ڊ) روسي قونصل جنرل آندري وڪٽرووچ فيڊروف پي ٽي آءِ حڪومت جي روس سان تيل خريداري جي معاهدي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي روسي قونصل جنرل پاڪستان ۽ روس ۾ واپاري لاڳاپن سميت روس يوڪرين تڪرار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، قونصل جنرل چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، اسان پاڪستان کي دوست ملڪ سمجهون ٿا ۽ پاڪستان مان به روس کي دوست ملڪ سمجهڻ جي اميد رکون ٿا، پنهنجي انٽرويو ۾ هن پاڪستان سان واپاري ۽ معاشي سهڪار قائم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو، سندس چوڻ هو ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ فائدو کڻي سگهن ٿا پر اولهه طرفان لڳايل غير قانوني پابنديون واپار جي عمل کي متاثر ڪري رهيون آهن، ان مسئلي جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، روسي قونصل جنرل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي روس دوري ۾ غور هيٺ آيل معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هن پاڪستان طرفان تيل خريداري جي معاهدي يا پاڪستاني وزيرن طرفان روس سان واپاري رابطي جي تفصيلن تي لاعلمي جو اظهار ڪيو.

  • 15 ملڪن ۾ غذائي کوٽ سبب 80 لک ٻار خطري ۾ آهن: يونيسيف

گڏيل قومون(م ڊ) گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري  (يونيسيف) چيو آهي ته 5 سالن تائين جي عمر جا 80 لک ٻار غذائي کوٽ سبب موت جي خطري جو شڪار آهن. جرمن نشرياتي اداري مطابق يونيسيف ٻڌايو ته دنيا ۾ 15 ملڪ اهڙا آهن جتي ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، غذائي کوٽ وارن ملڪن ۾ افغانستان، يمن، ايٿوپيا ۽ هيٽي پڻ شامل آهن. اداري جي اختيارين چيو ته دنيا ۾ موت جي خطري جو شڪار اهڙن ٻارن جو انگ هر منٽ کانپوءِ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ان خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ غذائي کوٽ جو سبب روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي عام واهپي جي شين ۾ اضافو ٿيڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.