آرٽيڪل 63 اي جي تشريح فيصلي تي نظر ثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس تي عدالتي راءِ تي نظر ثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت 17 مئي 2022 جي عدالتي راءِ تي نظر ثاني ڪئي وڃي، ڦري ويل ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻڻ بابت پيراگراف ۾ نظر ثاني ڪري راءِ واپس ورتي وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڦري ويل ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻڻ جي راءِ آئين جي خلاف آهي، سپريم ڪورٽ جي راءِ آئين ۾ مداخلت جي برابر آهي، آرٽيڪل 63 اي مطابق ڦري ويل ميمبر رڳو ڊي سيٽ ٿيندا.

  • سڄي دنيا ۾ مهانگائي سبب سماجي بي يقيني وڌي پئي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن(م ڊ) عالمي سطح تي خوراڪ ۽ تيل جي تيزي سان وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾  رکندي حڪومتن لاءِ ضروري آهي ته هو فوري نتيجا ڏيندڙ مالياتي پاليسيون اختيار ڪن. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ تيز رفتار اضافي جي نتيجي ۾ غذائي کوٽ ۽ سماجي بي چيني وڌي رهي آهي. گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ مارچ 2022 دوران سڄي دنيا ۾ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ 33.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته 2020 ۾ ڪورونا جي عالمي وبا سبب سڄي دنيا ۾ موجود غير يقيني صورتحال سبب خوراڪ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي

  • بدين ويجهو زيارتين جي پڪ اپ ڪلٽي، عورتن، ٻارن سميت 17 ڄڻا زخمي

بدين( ڊ ر)ڪراچي مان زيارتن تي بدين ايندڙسوزوڪي پڪ اپ گولاڙچي بدين روڊ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ عورتن مردن ۽ ٻارڙن سميت 17 ماڻھو زخمي ٿي پيا جن مان ٽن ڄڻن کي نازڪ حالت  ۾انڊس اسپتال بدين پھچايو ويو،ذريعن مطابق ڪراچي کان بدين درگاھ شاھ قادري تي زيارت تي ايندڙن جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان آھي سندن گاڏي سوزڪي جو بدين کان 14 ڪلوميٽر ترائي اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو جنھن جي نتيجي م 5 ٻارڙن 4 عورتن ،8 مردن سميت 17 ماڻھو زخمي ٿي پيا جن ۾ عرس پنھور، سجاد، شير علي، رمضان، افسانا، آرزو، فرزانا ۽ ٻيا شامل آھن جن مان ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ آھي، سڀني کي انڊس اسپتال بدين پھچايو ويو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.