بي حسي، واهي پانڌي ۾ عورت اسپتال ٻاهران ٻار کي جنم ڏنو!

واهي پانڌي/ جوهي (رپورٽ : حسين بخش برهماڻي + ايم اسماعيل پيرزادو) واهي پانڌي ۾ پي ايڇ آءِ جي بي ڌياني سبب واهي پانڌي اسپتال ۾ رات جي شفٽ ۾ مقرر مڊوائيف فون تي ڳالهائڻ ۾ پوري رهي، گورک کان ڊليوري لاءِ آيل مريض عورت کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، ايمبولينس به نه ملي، انتظاميا جي لاپرواهي سبب اسپتال ٻاهران ٻارڙي کي جنم ڏنو، عورت جي وارثن ميهر الله آلکاڻي، پرويز آلکاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته واپس اسپتال پهتا سين ته انهن کي اسپتال نه ڇڏيو ويو، واهي پانڌي اسپتال ۾ رات جي شفٽ ۾ مقرر مڊوائيف مريض عورت کي تپاسڻ بدران موبائيل فون تي ڳالهائيندي رهي، عورت انتهائي تڪليف بعد پاڻمرادو ٻارڙي کي جنم ڏنو، اهڙي لاپرواهي جو سختي سان نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.