مڪاني چونڊ ملتوي نه پئي ٿئي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مڪاني چونڊون ملتوي ناهن  ٿيون، مخالف افواهه پکيڙي رهيا آهن،  ڇا ڪاڻ ته انهن کي 80 سيڪڙو علائقن ۾ اميدوار ئي ناهن مليا،ان تي ڌيان نه ڏنو ، مڪاني چونڊن جي تياريون جاري رکيون وڃن. جيستائين  عدالت پاران ان ڏس ۾ حڪم نٿا اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان گذريل ڏينهن وري ادارن ۽ انھن جي سربراھن کي نشانو بڻايو آھي  ۽ خاص طور سماجي رابطن تي رياستي ادارن جي خلاف عمران خان جي سربراهي ۾ خطرناڪ سازش هلي رهي آهي. صوبائي وزير جو چيو ته عوام جو مينڊيٽ چوري ڪري عمران خان کي مصنوعي طريقي سان وزيراعظم بڻايو ويو ۽ ساڍن ٽن  سالن تائين آرڊيننس جي ذريعي ھن جي حڪومت هلي. هن چيو ته جڏهن ادارا نيوٽرل ٿيا ته عمران خان کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هن ادارن جي خلاف بد ترين سازشيون شروع ڪري ڇڏيون،  ڇو ته عمران خان کي پنهنجي پسند جو ايمائر، پنهنجي پسند جي فيلڊ، پنهنجي پسند جو ڪرائوڊ کپي. هن چيو ته پاڪستان جو باشعور عوام عمران خان ۽ ان جي حوارين کي هرگز اجازت نه ڏيندو ته ملڪ جي اهم ادارن ۽ ان جي سربراهن کي نشانو بڻايو وڃي. اسان هڪ هڪ اداري جي حفاظت ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ بني گالا ۽ لاهور مان سسٽم هلايو پئي ويو . هڪ عورت ويچاري لاهور ۾ ويھي سسٽم پئي ھلايو، هن چيو ته ايندڙ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. پيپلز بس سروس ۽ اورينج لائن تي هن چيو ته پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس تقريبن تيار آهي. ان جو ٽيسٽ ڊرائيو مائليج پورو ٿيڻ وارو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ شروعات ٿيڻ واري آهي. هاڻي ان ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي. جڏهن ته اورينج لائن جي ٽريڪ تي پڻ بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جي گذريل ڏينهن کان شروعات ٿي وئي آهي. هن چيو ته ان کان علاوه ڪراچي جي عوام لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي. ٻن ڪمپنين سان ايم او يو تي تمام جلد صحيحون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.  عنقريب پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي رهيا آهيون، جنهن جي تحت سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا مينيو فيڪچرنگ پلانٽ لڳايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.