”جيل موڪليو يا اسيمبلي“علي وزير جناح اسپتال ۾ غيرمحفوظ

ڪراچي( رپورٽر) پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير جناح اسپتال ۾ پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪندي احتجاج ڪيو آهي ته کيس اسيمبلي اجلاس موڪليو وڃي يا جيل موڪليو وڃي. پي ٽي ايم اڳواڻ جي  جناح اسپتال ۾ احتجاج ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. علي وزير احتجاج ڪندي چيو ته  جناح اسپتال ۾ مٿس ٻه ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن، هن چيو ته کيس ڊسچارج ڪيو وڃي.علي وزير چيو ته هو اسپتال ۾ غير محفوظ آهي. قومي اسيمبلي اجلاس هلي پيو، ان ۾ شرڪت سندس حق آهي. هوڏانهن علي وزير سان گڏ پي ٽي ايم اڳواڻ شير محسود چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻه ڀيرا علي وزير وٽ پهتا آهن، پوليس هوندي ڪيئن آيا.هوڏانهن ايم اين اي محدم داوڙ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.