آصف زرداري جي امڙ مٽي ماءُ حوالي، تعزيت جاري

نوابشاھ (رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڳي ماءُ ۽ اڳوڻي پارليامينٽرين مرحوم حاڪم علي زرداري جي ٻي گھر واري جي تدفين اباڻي قبرستان بالو جا قبا ۾ ڪئي وئي، ان کان اڳ زرداري ھائوس ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پاڪستان پيلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ويڳي امڙ ۽ پاڪستان جي سينئر سياستدان مرحوم حاڪم علي زرداري جي ٻي گھر واري بيگم زرين بخاري جي جسد خاڪي کي ايئر ايمبولينس ذريعي زرداري ھائوس نوابشاھ آندو ويو جتي مخصوص ماڻھن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، حاجي علي حسن زرداري، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين جنازي نماز ادا ڪئي. جنھن بعد مرحوم کي زردارين  جي اباڻي ڳوٺ بالو جا قبا ۾ واقع اباڻي قبرستان ۾ سندس ور مرحومه حاڪم علي زرداري جي قبر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف آصف علي زرداري ۽ سندس سوڳوار خاندان سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻِي ۾ نوابشاھ پھچي تعزيت جو اظھار ڪيو مختلف ملڪي سياسي شخصيتن پاران تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.