اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد جا تير وسائيندڙ آزاد، علي وزير قيد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  اسٽيبلشمينٽ سربراهه خلاف زهريلي پروپيگنڊا جا ٽاپ ٽرينڊ هلائيندڙ ته آزاد آهن، جيڪي غداريءَ  جا  سرٽيفڪيٽ ڏئي غليظ ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن، پر پڇاڳڇا کان آجا آهن، هڪ ڀيرو اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد  ڪندڙ  ايم اين اي علي وزير ڏيڍ سال کان جيل ۾ آهي،  ايمان  مزاري کي ته الزام مان آجو ڪيو وڃي، نيا دور پروگرام ۾ رضا رومي، ايم اين اي محسن داوڙ ۽ مرتضيٰ سولنگي ڳالهائيندي ڪيو آهي. رضا رومي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارا ته طاقتور اداري ۽ سربراهه خلاف  زهر اوڳاڇي رهيا آهن،پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ  به نه سري، مزمل سهروردي جو چوڻ آهي ته پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ ته ڳالهائڻ ۾ آزاد آهن پر سنڌ- بلوچستان يا ڏکڻ وزير ستان جو ڊوميسائيل رکندڙ اسٽيبلشمينٽ  تي معمولي تنقيد ڪن ته غدار قرار ڏنا وڃن ٿا. اهو ٻٽو ۽ منافقيءَ وارو ڪردار آهي، مانهن کنڀڻ يا علي وزير کي قيد رکي دنيا  کي جيڪو چهرو ڏيکاري رهيا آهيون ۽  پاڻ آئيني ۾ ڏسي رهيا آهيون، اهو ڪو سٺو چهرو نه آهي، ايم اين اي محسن داوڙ جو چوڻ آهي ته جيڪيو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو پارليامينٽ کي مذاق بڻائڻ برابر آهي، پوءِ ان پارليامينٽ  ۾ ويهڻ جو فائدو ڪهڙوآهي، مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته ايم اين اي علي وزير کي قومي  اسيمبلي ۾ پيش نه ڪرڻ کيس ووٽ ڏيندڙن کي نمائندگي کان محروم ڪرڻ آهي، هڪ پارٽيءَ  جو سربراهه ته کلئي عام مسلسل اسٽيبلشمينٽ کي مختلف لقبن سان نوازي شديد تنقيد ڪري رهيو آهي، پر ڪنهن کي پرواهه نه آهي شايد ان جو ڊوميسائيل مضبوط آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.