تعليم ۾ سنڌ ڪي پي ۽ بلوچستان کان به پوئتي آهي: بجيٽ تي بحث

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ صرف 5 ميمبرن حصو ورتو، ميمبرن جي بحث ۾ دلچسپي ئي نه رهي. سنڌ  اسيمبلي ۾ سنڌ سرڪار جي سالياني بجيٽ 23/2022 تي بحث جي چوٿين ڏينهن پ پ ايم پي اي سعديه جاويد بحث ۾ حصو ٺندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تازو روس يوڪرين جنگ سبب آهي پر نااهل ۽ رد ٿيل هاڻي ٻولي رهيا آهن. پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي چيو ته  سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي خراب آهي. پ پ دور ۾ صرف ڪچيون آباديون ٺهيون آهن، رڳو ڪراچي ۾ 8 هزار ڪچيون آباديون آهن، پر عمران خان عوام کي پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ڏني. متحده جي باسط احمد صديقي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته مسئلا  هر سال ساڳيا جا ساڳيا آهن، اسان گند، گٽر، پاڻي صفائي  جي مسئلن کان ٻاهر ئي نه نڪتا آهيون.پي ٽي آءِ جي سعيد آفريدي چيو ته سرڪاري  اسڪولن جي حالت خراب آهي. سنڌ ڪي پي ،پنجاب  ۽ بلوچستان کان به تعليم ۾ پوئتي آهي. پ پ جي راجا  رزاق  چيو ته   ملير ضلعو زراعت وارو آهي، جيڪو ڪراچي کي آڪسيجن فراهم ڪري ٿو، ملير ڪراچي جي  70 سيڪڙو ايراضي آهي، هتي زمين ليز واري آهي 2022 ۾ اها ختم ٿي رهي آهي جيڪا ليز ٻيهر ڏني وڃي. هتي مسنگ پرسن جي ڳالھ ڪئي ٿي وڃي اميد آهي ماڻهون اکيون کوليندا ملڪ بچائيندا ، هاڻ ڀيڻن جا ڀائر غائب ٿين پيا.ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف چيو ته  پي ايف سي کانسواءِ ڪهڙي بجيٽ آهي، سنڌ جي سمورين ڪائونسلن لاءِ 84 ارب رپيا ۽ ڪراچي لاءِ صرف 30 ملين رپيا ڪم ڪئين هلندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.