ڪراچي ۾ ڍنڍ ۾ وهنجڻ دوران 4 ڄڻا ٻڏي فوت، 2 کي بچايو ويو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪلفٽن واري علائقي ۾ شهيد بينظير ڀٽو پارڪ جي ڍنڍ ۾ وهنجڻ دوران ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا، جن  مان 4 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جي سڃاڻپ 18 ورهين جو رياض، 25 ورهين جو الهداد پٽ نياز، سيف الله ۽ 18 ورهين جو حماد طور ٿي آهي. الهداد ۽ سيف الله پشاور جا رهواسي هئا، رضاڪارن ٻڏندڙ ٻن ڄڻن کي بچائي ورتو، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال پهچايو ويو ۽ ٻين گم ٿيلن جي ڳولا جاري آهي، واقعي کانپوءِ علائقي واسين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ انتظاميا پاران فوري مدد نه ملڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڪياماڙي بندرگاهه ڏانهن ويندڙ ٽرالرن، ٽرڪن ۽ ٽينڪرز جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، خميس جي صبح تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي. بعد ۾ مظاهرين انساني همدردي جي بنياد تي احتجاج ختم ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ضرورت جي وقت سرڪاري نفري ۽ مشينري موجود ناهي ۽ انتظاميه طرفان ڪا به مدد نه ڪئي وئي آهي. فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻڏي فوت ٿيل ماڻهو سلطان آباد جا رهواسي هئا ۽ هتي تفريح لاءِ آيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.