فريئر هال اڏاوت ڪيس، مرتضيٰ وهاب کي جاري ڪيل نوٽيس معطل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فريئر هال ۽ ٻين آرڪيالاجي عمارتن ۾ نين اڏاوتن بابت فيصلي خلاف مرتضيٰ وهاب ۽ ڪي ايم  سي جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو، فريئر هال ۾ به ساڳي حالت ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي، عدالت لاڳاپيل ادارن کي وڌيڪ عمارتون ڊاهڻ کان به روڪي ڇڏيو، سنگل بئنچ 20 جون تي فريئر هال ۾ نئين عمارت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ثقافتي ورثي کي نقصان نه پر ان کي خوبصورت بڻايو پيو وڃي، عدالت 20 جون تي رجسٽرار آفيس جي عملي کي فريئر هال جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.