ميرپورخاص ۾ مڪاني چونڊن دوران پ پ کي وڏو ڌڪ، 3 طاقتور اميدوارن جا فارم رد

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران پيپلز پارٽي جي مختلف تڪن جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر خلاف مخالف اُميدوارن پاران ڪيل اپيلن ۾ سنڌ  هاءِ ڪورٽ ٽن اُميدوارن جا فارم رد ڪرڻ سبب پيپلز پارٽي کي سندن مضبوط تڪن ۾ ڌچڪو پهتو آهي. ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي پيپلزپارٽي جي اُميدوار علي مدد جو فارم گھٽ عمر هجڻ سبب رد ڪيو ويو، جنهن بعد يوسي ڏهروڙو ۾ جي ڊي اي جو اُميدوار جاويد جوڻيجو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن خادم علي شاهه ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي اُميدوار ممتاز عرف لعل بخش رند جو ووٽ ان تڪ ۾ داخل نه هجڻ جي ڪري فارم رد ڪيو ويو جنهن سبب آزاد اُميدوار عبدالشڪور لاشاري بنا مقابلي چونڊجي ويو، جنهن تي سندس حامين يوسي ۾ ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون جڏهن ته  يوسي ترڪ علي مري ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر چيئرمين وزير علي مري ڏانهن حيسڪو جون رهتون هجڻ تي سندس فارم رد ڪيو ويو جڏهن ته هاءِ ڪورٽ مان فارم رد ٿيڻ بعد اُميدوارن سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن.

  •  پيرڳوٺ لڳ  ڪلهوڙا برادري جا چڱا مڙس ف ليگ کي ڇڏي  پ پ ۾ شامل 

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) ڪوٽ مير محمد لڳ فنڪشنل مسلم ليگ سان واسطو رکندڙ زميندار رڪڻ الدين ڪلهوڙو ۽غلام نبي ڪلهوڙو ف ليگ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪوٽ مير محمد لڳ ڳوٺ کولر جي رهواسي ڪلهوڙا برادري جي چڱن مڙسن ۽ زميندارن رڪڻ الدين ڪلهوڙو. وڏيرو غلام نبي ڪلهوڙو. وڏيري محمد عرس ڪلهوڙو پنهنجي برادري ۽ واسطيدارن سميت ف ليگ کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني سندس فرزند سيد فهد شاهه جيلاني جي هٿ تي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. اهڙي تقريب ڳوٺ کولر ۾  منعقد ٿي جنهن ۾ ايم اين اي سيد جاويد شاھ جيلاني جي پٽ فهد علي شاھ جيلاني. محمد حاجن عباسي. حاجي شمس الدين  لاشاري جي موجودگي ء ۾ اعلان ڪيو ويو  تقريب ۾ يوسي ڪوٽ ميرمحمد جي اميدوار جاويد علي شر. غلام نبي ڦلپوٽو. وريل شاهه. عبدالرحيم عباسي. محمد آعظم عباسي. قمر الدين عباسي. سميت مختلف برادرين گلال  سيد سومرا. سولنگي. ڄامڙا برادري جي چڱن مڙس شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سيد فهد علي شاهه جيلاني چيو ته پ پ جمهوري پارٽي آهي جتي ورڪر ۽ ڪارڪن کي ڳالهائڻ جي مڪمل اجازت آهي. پ پ پنهنجي هر دور ۾ هن علائقي۾  ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن ڪري هن علائقي جا ماڻهو پ پ جي ڪارڪردگي ڏسي شموليت ڪري رهيا آهن. بلدياتي اليڪشن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا سين ۽ ضلعي حڪومت به پ پ جي ٿيندي.

  • ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر ٿيندو، هي سيٽ مرحوم بابا وٽ هئي: محمد بخش مهر

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جو ضلعي چيئرمين ڪير ٿيندو  خانڳڙھ جا مهر سردار سامهون محمد بخش خان مهر پنهنجو ويڊيو بيان جاري  ڪندي چيو آهي ته  گهوٽڪي ضلعي جو ضلعي چيئرمين سردار زاده بنگل خان مهر ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته 1953کان اها سيٽ مرحوم بابا سائين غلام محمد خان مهر وٽ هئي، پارٽي چيئرمين توڙي پ پ  جي ضلعي قيادت به بنگل خان مهر جي حمايت ڪئي آهي جن جو شڪر گذار آهيان، علي گوهر خان مهر پنهنجي ان چاچي جي پڳ ۾ هٿ وڌا جنهن لاءِ چوندو آهي ته هو منهنجو استاد هو، جنهن کي چار ماڻهو ويهي پڳ ٻڌائن ته اهو سردار، سردار ناهي هوندو، علي گوهر مهر جيڪڏهن مون کان ۽ مهر قبيلي کان پنهنجي غلطي جي معافي وٺي ته اسان جي دل وڏي آهي معاف ڪري ڇڏيندا سين، ويڊيو بيان ۾  محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ادا علي گوهر خان مهر وارن جي سياست هميشه کان ئي ڪوڙ ۽  پروپيگنڊه تي هلي رهي آهي.

  • عوام ثابت ڪيو آهي ته عوام انڙ گروپ سان آهي: عادل انڙ

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري شهر حيدر چوڪ تي سردار اياز حسين جوڻيجي طرفان جي ڊي اي انڙ گروپ جو جلسو، جلسي ۾ ڏوڪري شهر جي  ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.جلسي ۾ احمد علي گاڏهي، اڪبر سولنگي، مظهر علي سولنگي، چنيسر، محمد مٺل سولنگي،آصف علي، خادم حسين شيخ، وڏيرو مور شيخ ۽ ٻين پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري جي ڊي اي انڙ گروپ ۾ شموليت ڪري ڇڏي.انهي موقعي تي عادل الطاف حسين انڙ خطاب ڪندي چيو حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جي باري سوچڻ پوندو جيئن غريب ماڻهن کي 2 ويلن جي ماني ملي سگهي ۽ ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي اچي سگهي،شهر جي ترقي، ڊرينج،تعليم، صحت سميت بنيادي ضرورتن لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو ويندو،26 تاريخ جي ڊي اي جا حمايتي مخالفن کي شڪست ڏيندا. ھن چيو ته 26 جون تي ڪرپشن ڪندڙ گھر ڀيڙو ٿيندا.ڏوڪري جي عوام ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ماڻهو انڙ گروپ سان گڏ آهن. انهي موقعي تي سردار سرفراز ٻگهيو، عبدالحميد جيسر،بخشل گلال، مظهر گلال، رياض جوڻيجي، راجا جوڻيجي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  • اوٻاوڙو جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري، لنڊ ۽ ڄام گروپ نظر انداز

اوٻاوڙو ( رپورٽ : جان محمد ڀٽو ) اوٻاوڙو شهر سياسي ڀوتارن حوالي، پ پ طرفان مخصوص علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري شهر جي وڏي  آبادي وارا علاقا غريب آباد ۽ مسلم ڪالوني مڪمل نظر انداز مسلم ڪالوني جي رهواسين جو چوڻ آهي ته پ پ جي لنڊ گروپ ۽ ڄام گروپ شهر جي مخصوص علائقن ۾ اڻ اعلانيل اسڪيمن جو ڃار پئي وڇائي جڏهن ته ڄام گروپ ۽ لنڊ گروپ شهر جي وڏي آبادي رکندڙ مسلم ڪالوني۾ڪا به اسڪيم ناهي ڏني پ پ طرفان نظر انداز ڪرڻ تي اسين ووٽ پ پ مخالف اميد وارن کي ڏيڻ تي مجبور آهيون پ پ وارا چورن جيان رات جو ورڪ تي پيا اچن مسلم ڪالوني جون گهٽيون ناڪاره گٽر لائن تباھ نالين جو گندو پاڻي رستن تي بيٺل صفائي جو نه هجڻ  اسان جا بنيادي مسئلا آهن جيڪي فورن حل ٿيڻ گرجن چونڊيل نمائندن به پنهنجي من پسند ۽واٺن کي غير قانوني اسڪيمون ڏنيون آهن جيڪي پنهنجي محلن جو غير ضروري ڪم پيا ڪرائين مسلم ڪالوني به اوٻاوڙو ٽائون جو حصو آهي وڏي آبادي کي نظر انداز ڪرڻ تي اليڪشن ۾ ڪالوني واسي ڪو سٺو نتيجو نٿا ڏيئي سگهن مسلم ڪالوني واسين جو چوڻ آهي ته هتان جا چونڊيل نمائنده ۽ سينيٽر شهر کي هڪ جهڙو سمجهن ترقياتي اسڪيمون به شهر ۾ برابر تقسيم ڪيون وڃن جيئين ڪوبه علائقو اسڪيمن مان رهجي نه وڃي ۽ڪو به ماڻهون غلط تاثر  نه وٺي.

  • يونين ڪائونسل دليل ديرو جو اڳوڻو چيئرمين ايس يو پي ۾ شامل

سڪرنڊ (ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي يونين ڪائونسل دليل ديرو جي چيئرمين محمد موسيٰ چوهاڻ پيپلز پارٽي کان ناراض ٿي پ پ پ کي الوداع ڪري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو هن اهڙو  اعلان ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي موجودگيءَ ۾ کيس ڏنل آجياڻي ۾ ڪيو هن چيو ته پارٽي ۾ جيترو وقت رهياسين خلوص سان رهياسين پر قدر نه ڪيو ويو اهوئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ جو سيد خاندان سنڌ جو هڏ ڏوکي آهي هن وڌيڪ چيو ته چوهاڻ برادري جي صلاح مشوري بعد پنهنجي هم خيال برادري سميت شموليت ڪري رهيا آهيون ، سيد زين شاھ ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين ته اسين محمد موسيٰ چوهاڻ کي صالحن جي گروپ ۾ شامل ٿيڻ ٿي ڀليڪار ڪيون ٿا هن چيو ته حق ڏانهن ويندڙ گسن تي رڪاوٽون ضرور آهن پر خلوص کين پار ڪرائيندو آهي ان شاء الله هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو جنهن ڏينهن هر پاسي حق هوندو ڇاڪاڻ جو فطرت جو اصول آهي ته حق کي غالب ٿيڻو آهي ۽ باطل کي ختم ٿيڻو آهي زين شاھ اهو به چيو ته پنهنجي آواز ۽ محبت کي ڪمزور نه بنايو پاڻ کي ۽ پنهجن سوچن کي سگهارو بنايو آجياڻي ۾ چوهاڻ برادريءَ جون معتبر شخصيتون پڻ موجود هيون.

  • ڏوڪري ۾ اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ  جلسو، اڳواڻن ورڪ تيز ڪري ڇڏي

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ۾ عارف گاڏهي ۽ عبدالوحيد جوڻيجو پاران ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪرڻ جي حوالي سان  جلسو ڪرايو ويو. علي ڏنو خان گاڏهي،  قاضي جميل احمد جوڻيجو،  فدا حسين گاڏهي، محمد اعظم سومرو، وارڊ ٽي جي اميدوار فياض خان جوڻيجو، وارڊ ٻه جي اميدوار بشير ٿهيم، علي بخش ميتلو، شوڪت علي سومرو، قاضي عبدالجبار، قاضي لياقت علي، قاضي نور حسين، قاضي نياز حسين، قاضي عزيز احمد، انيل ڪمار گيانچنداڻي، قاضي شاھ جھان، قاضي عابد علي، نياز حسين سوهو، قاضي منصور، قاضي شاهنواز، اڪبر قريشي، بشير احمد سولنگي، قاضي سجاد علي، ڊاڪٽر محمد عثمان کوکر، قاضي غلام فاروق، رياض حسين ڀٽو، نثار جتوئي، غلام اڪبر جوڻيجو، فياض سومرو، غلام ياسين گلال، اسلم لوهر، بابر جوڻيجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ تعلقي جنرل علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو۽ ٻين  چيو ته ڪو به اهڙو ليڊر ناهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ميڊم فريال ٽالپر وانگر بهادر هجي يا ملڪ ۽ قوم جي مٿان جان قربان ڪري پ پ اڳواڻن   وارڊ 1 جو اميدوار محمد اعظم سومرو، شوڪت علي سومرو، شهمير علي ميراڻي، عبيدﷲ جوڻيجو ۽ ٻين پاران دوڪان ٽو دوڪان تي ورڪ مهم هلائي.

  • جي يو آءِ صاف ۽ شفاف چونڊن تي يقين رکي ٿي: طارق سومرو

رتوديرو  ( ن ع آ )  رتيديري جي عزيزيه مدرسي ۾ جعيعت علماءِ اسلام جي اڳواڻن مولانا طارق حسين سومرو ، مولانا عبدالغفار جويو ،  مولانا محفوظ الرحمٰن سومرو ، مولانا محمد مراد مارفاڻي ۽ ٻين مڪاني چونڊن جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جي يو آءِ صاف ۽ شفاف چونڊن تي يقين رکي ٿي اسان سدائين ظالمن سان بغاوت ڪري مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي ملڪ جي آئين جي حدن ۾ رهي اسان مڪاني چونڊون وڙهون پيا، اسان پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٻڌائڻ چاهيون ته ٿا اهي چونڊن واري ڏينهن تي پولنگ اسٽيشنن اندر ڪنهن جي ونگار نه وهن ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪن جيڪڏهن ڪنهن به پرزائيڊنگ آفيسر ڪو به غلط ڪم يا عمل ڪيو ته پوءِ جي يو آءِ خاموش ويهڻ بجاءِ اهڙن پرزائيڊنگ آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي26 تاريخ تي جي يو آءِ مڪاني چونڊن ۾ وڏن وڏن بتن کي ڊاهي پٽ ڪندي ان موقعي تي جي يو آءِ جي مختلف وارڊن تي بيٺل جنرل ڪائونسلر جي اميدوارن ڪاشف قريشي ، عاشق سومرو ، مولانا علي محمد زهري ، نويد عارباڻي ، حافظ عبدالفتاح چنو ۽کان علاوه غازي عبد الله جويو ، حافظ مختيار ڀٽو ، شڪيل احمد بوذدار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • مڪاني چونڊن جو سامان پهچائڻ لاءِ اڪري ۾گاڏين خلاف وٺ پڪڙ

اڪري چودڳي  (ن ع آ )مڪاني چونڊن جو سامان ۽ عملو پولنگ اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ اڪري پوليس اڪري شهر ۾ ناڪابندي ڪري گاڏيون پڪڙي بيهاري ڇڏيون. پڪڙيل گاڏين ۾ ڊوم وين،ويگن،ڊاٽسن ۽مزدائون شامل آهن. پوليس طرفان پڪڙيل گاڏين ۾ مسافر گاڏيون ۽قرباني جي ٻڪرن سان ڀريل گاڏيون شامل آهن، جڏهن ته پڪڙيل گاڏين جي ڊرائيورن۽ مالڪن وٽ مختلف ٿاڻن جا اٿارٽي ليٽر ۽ڪيترن ئي ڊرائيورن وٽ اميدوارن جي ورڪ لاء بڪ ٿيڻ جا ليٽر پڻ هئا. پڪڙيل گاڏين کي ڇڏائڻ لاء ڊرائيورن ۽مالڪن ايس ايڇ او اڪري کي علائقي جي مختلف بااثرن ۽ بلدياتي اميدوارن کان فونون ڪرائي ڪيتريون گاڏيون آجيون پڻ ڪرائي ورتيون .هوڏانهن پوليس جي گاڏين جي وٺ پڪڙ جو ٻڌي مهراڻ هاء تي هلندڙ مسافر توڙي سامان واري گاڏين جا ڊرائيور شهر جي باء پاس ۽ڳوٺن جي رستن ذريعي گاڏيون ڀڄائڻ ۾ پڻ ڪامياب پڻ ٿي ويا پڪڙيل گاڏين جي ڊرائيورن پرويز علي فوجي اسد نذر حسين موجب اسان وٽ حد جي ٿاڻن ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاء گاڏيون بڪ آهن اهڙو ليٽر پڻ موجود آهن پران باوجود پوليس گاڏيون روڪي زيادتي ڪري رهي آهي. ٻي طرف ايس ايڇ او اڪري غلام شبير کهڙو موجب ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تحت گاڏيون پڪڙيون پيون وڃن ته جيئن 26 تاريخ ٿيندڙ اليڪشن لاء پولنگ تي سامان ۽عملو پهڇائي سگهجي.

اقليتي برادري جو پ پ جي جيت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي: نويد ڏيرو

سانگھڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ضلعي سانگهڙ جي صدر من موهن داس پاران وارڊ نمبر ڏھ ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي نويد ڏيرو چيو ته ضلعي سانگھڙ ۾ اقليتي برادري جو تمام گهڻو ووٽ موجود آھي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيت ۾ اقليتي برادري جو اهم ڪردار آھي مڪاني چونڊن ۾ به اقليتي برادري  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندا ته جيئن انهن جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن وارڊ نمبر ڏھ ۾ ڪيترا ئي مسئلا آھن جنهن کان اسان آگاه آھيون انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاء ترجيحي بنيادن تي منصوبا  آندا پيا وڃن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ضلعي سانگهڙ جي صدر من موهن داس جو چوڻ هو ته اڄ جي ڪامياب جلسي ثابت ڪيو آهي ته عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آھي ڇويهه تاريخ تي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا ته جيئن انهن جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن آخر ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

  • همايون ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي،برهان چانڊيو چونڊ مهم هلائڻ لڳو

سلطان ڪوٽ (رپورٽ: طارق علي سڌايو) همايون يوسي ۾ پ پ اميدوار در محمد سڌايو جي اڳواڻي ۾ مڪاني چونڊن جي نسبت سان جيالن ريلي ڪڍي پارٽي جي گيتن تي رقص ڪيو،جيالا ريلي جي شڪل ۾ڳوٺ  ڪجلو چانڊيو پهتا، جتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي پ پ ايم پي برهان چانڊيو خاص شرڪت ڪئي جڏهن ته بابل ڀيو، عمران سڌايو، در محمد سڌايو، آصف سڌايو، اسد سڌايو ۽ سجاد سڌايو سميت علائقي جي چڱن مڙسن ۽ معززن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوسي همايون ۾ چيئرمين جي اميدوار در محمد سڌايو جي حمايت لاءِ پهتو آهيان، چانڊيا برادري جي ماڻهن مڪاني چونڊن ۾ در محمد سڌايو کي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ جو مون سان واعدو ڪيو آهي، آئون ڳوٺ ڪجلو چانڊيو، ڳوٺ سڪندر چانڊيو، ڳوٺ عطر جي وانڍ، ڳوٺ محمد عظيم چانڊيو، ڳوٺ ماستر ٽوهه جا دور ڪيا، برداري جي ماڻهن مڪاني چونڊن ۾ در محمد سڌايو کي ڀرپور سپورٽ جو اعلان ڪيو آهي.

پ پ امن امان خراب ڪري ڌانڌلي ڪرڻ چاهي ٿي: ناصر سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوارن جي چونڊ مهم جاري آهي جي يو آءِ اڳواڻن مولانا ناصر خالد محمود سومرو،  مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا محمود الحسن سومرو، علي حسن ڏاھاڻي، ايڊووڪيٽ منصور علي ڏاھاڻي، غلام علي ڏاهاڻي، مير سڪندر خان مينگل، پپن سومرو، مولانا حميدالله سيال ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي جتي علائقي واسين سندن جي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته 26 جون جو ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي عوام جي ڪاميابيءَ جو ڏينهن هوندو، ڪامياب ٿي ڪري عوام کي انهن جا حق وٺي ڏينداسين، علائقن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، ناڪاميون هاڻي مخالفن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، پيپلز پارٽي امن امان خراب ڪري ڌانڌلي ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، مهانگائي جي طوفان عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. اڳواڻن پنهنجي گڏيل خطاب ۾ چيو ته 26 جون تي عوام جي ساٿ سان کٽي ڪري ھتان جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪنداسين، لاڙڪاڻي جي عوام کي بنيادي سهولتون ناهن مليون. هنن چيو ته حڪمران ٽولي پاڻيءَ جي کوٽ، تعليم جي تباھي، صحت جي تباھي ۽ رڪارڊ مھانگائي ڪئي، سنڌ کي ھٿ وٺي تباهه ڪيو ويو، سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آھي ۽ غريب آباگار خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، پاڻي کوٽ سبب زراعت تباھ پئي ٿئي، ماڻھو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به سخت پريشان آهن، سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي.

  • اسلام ڪوٽ ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن ۾مقابلو

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي جي ٻن وارڊن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اُميدوارن وچ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، وارڊ نمبر 2 تي پ پ اُميدوار ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي ۽ پي ٽي آءِ جي ڀومون ڀيل وچ ۾ مقابلو ٿيندو، وارڊ نمبر 5 تي پ پ اُميدوار ڪرشن سنگھه ۽ پي ٽي آءِ اُميدوار جان محمد خاصخيلي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻنهي وارڊن تي پ پ اُميدوارن جي پوزيشن مڪمل طرح مضبوط ڏسڻ ۾ اچي ٿي، وارڊ نمبر 2 تي پ پ اُميدوار ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي پاران اليڪشن جي سلسلي ۾ آفيس قائم ڪئي وئي آهي، پ پ يوٿ ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر سُشيل ڪمار ملاڻي، سابق ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار، گهنشام داس پارواڻي ۽ پ پ اُميدوار ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي پاران پُراڻي مارڪيٽ ۾ آفيس جو افتتاح ڪيو. اُنهي موقعي تي پ پ آفيس جي افتتاح واري تقريب دوران ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ سُشيل ڪمار ملاڻي چيو آهي ته اسلام ڪوٽ ٽائون جي 5 وارڊن مان 3 وارڊن تي پ پ اُميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي چُڪا آهن.

  • نوابشاھه ۾مڪاني چونڊون، پ پ ۽ مخالف جماعتن ۾ڪانٽي جو مقابلو

نوابشاھه ( ڊ ر) نوابشاھ ميونسپل ڪارپوريشن جي 19 يونين ڪائونسلن ۽ ٻن يونين ڪاميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ميئر، وائيس ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين طور ڪاميابي ماڻڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارتي جي نامزد اميدوارن جا طوفاني دورا جاري آھن خاص طور تي پ پ سٽي نوابشاھ جي صدر ۽ يونين ڪاميٽي جي چيئرمين شپ جي متوقع مضبوط اميدوار خان بھادر ڀٽي پاران يوسي 9 مان بنا مقابلي چيئرمين طور ڪاميابي بعد ميونسپل ڪارپوريشن جي باقي 19 يونين ڪائونسلن تي پ پ جي اميدوارن جي ڪاميابي کي يقيني بنائڻ لاءِ ڏينھن رات چونڊ مھم جاري آھي ٻئي طرف يوسي 5 جي پ پ جي چيئرمين جو اميدوار شبير احمد راجپوت پاران پنھنجي حلقي مان ڀرپور مينڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ يوسي جي مختلف علائقن پاڙن جا دورا ڪيا آھن ھوڏانھن يونين ڪائونسل 7 ۾ بيٺل وائيس چيئرمين رئيس نور احمد لکمير، وارڊ نمبر 3 جي پ پ ڪائونسلر اميدوار فقير واحد بخش بروھي، يوسي گپچاڻي مان بيٺل پ پ ڪائونسلر تاج رند پاران چونڊ مھم جي سلسلي ۾ مختلف برادرين ۽ ڳوٺن جا دورا ڪيا پيا وڃن.

  • جهول: يوسي 26 گهنڊڻ جي اميدوارن طرفان ڌانڌلي جون دانهون

جهول (ن ع آ) جهول  جي ڊي اي جي ٽڪيٽ هولڊر يوسي 36 گھنڊڻ جي چيئرمين سيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ زاھد حسين جلالاڻي ۽ سانگهڙ ميمبر ضلع ڪائونسل ڪونسلر جي اميدوار معشوق علي نظاماڻي پريس ڪلب  جهول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي هيئر کان ئي بلدياتي اليڪشن ۾ ڌنڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي مخالف اميدوارن جا ويجها عزيز ۽ پٽ يوسي گهنڊڻ 36 تي پرزاڊينگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، آر او ۽ ڊي آر اوز سانگهڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ونگارون بڻيل آهن.

  • هالاڻي ۾ مڪاني چونڊ، پ پ اميدوارن جو سرگرميون تيز

ھالاڻي  ( ن ع آ ) ھالاڻي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون تيز پاڪستان پيپلز پارٽي جي نامزد ٿيل اميدوارن سيد عاقل شاھ، سيد بابر علي شاهه سرفراز رند ، شاھد گاڏھي ۽ انور علي سولنگي جي مختلف علائقن ھالاڻي شھر پدر چوڪ، گاڏھي محلا، ڳوٺ بھرام سولنگي، ڳوٺ فتح محمد خاصخيلي، الھرکيو خاصخيلي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون گلن جي ورکا جئي ڀٽو جئي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نعرن جي گونج ،ان موقعي تي گڏجاڻين جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد عاقل شاھ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ھي ھارين، مزدورن،شاگردن ۽ غريبن جي پارٽي آهي ھي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جا ڪم ڪري ٿي اسان کي اميد آهي ته ھتان جي باشعور عوام پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندي ان موقعي تي سيد بابر علي شاهه چيو تہ اسان سيد ابرار علي شاه جي ڪوشش سان علائقن ۾ روڊ رستا, فرشبدي،ناليون، اسڪول ڏنا آھن اسان عوام جي خدمت ڪرڻ چاھيون ٿا اسان کي پڪ آھي ته 26 تاريخ تي ھالاڻي جو عوام تير تي ٺپو هڻي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندا ۽ مخالفن کي گھر وڃڻ جو رستو به نه ملندو.

  • ٽنڊي آدم لڳ پي ٽي آءِ جي اميدوار تي تشدد، بليڊن سان جهير ڏنا ويا

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم لڳ پي ٽي آءِ جي يوسي شير محمد ڏيرو تي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار تي ٻٽ ٻڌل هٿياربندن جو تشدد  بليڊن سان جهير ڏنا اين سي داخل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ ذوالفقار کوسو ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ٽن  ٻٽ ٻڌل هٿياربندن يوسي شير محمد ڏيرو تي پي ٽي آء جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار محمد خان کوسو کي چونڊ مهم کان واپس ويندي يرغمال بڻائي سندس پيٽ، ٻانهن ۽ پٺن تي بليڊن سان جهير ڏئي کيس رتورت ڪري ڇڏيو زخمي موجب ته جوابدارن هٿ کڻڻ لاء ڇاتي تي پستول رکي ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويا ۔ واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آھي زخمي کي تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو.

  • ٽنڊي الهيار ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ کان اڳ ئي نتيجا اچڻ شروع

ٽنڊوالھيار ( ڊ ر ) مڪاني چونڊن جي پولنگ کان اڳ ئي نتيجا اچڻ شروع. صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاھه رضوي جو فرزند سيد محمد  حسن شاهھ  عرف سيد ڀورل شاهھ رضوي غير سرڪاري غير حتمي نتيجي مطابق يونين ڪائونسل  شاھه عنايت تان بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. ھن موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ورڪس ۽ سروسز کاتي جي صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاهھ رضوي مبارڪ باد لاءِ آيل راڄن جي نيڪ مردن ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي اندڙ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾  پ پ جا حمايت يافتا سمورا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا. ھن چيو ته پنھنجي ڪاميابي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ ڪائونسلر جي سيٽ به  کٽي نه سگھندا.

  • کهڙا ۾ مڪاني چونڊ سرگرميون، جي يو آءِ اميدوار پاران ورڪ تيز

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ مڪاني چونڊ سرگرميون. وارڊ 7 جي جي يو آء اميدوار محمود سومري پاران ورڪ تيز، سندس ڪاميابي جا امڪان کهڙا ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي جمعيت علماء اسلام جي جنرل ڪائونسلر جي نامزد اميدوار  محمود حسن سومري  پنهنجون چونڊ سرگرميون ۽ ورڪ تيز ڪري ڇڏي آھي شھرين. مختلف برادرين جي ماڻھن سان ملاقاتون ۽ گڏجاڻيون ڪري ووٽ جي گهر ڪئي جنهن تي وارڊ جي ڪيترن ئي ماڻھن سندس جي ڀرپور حمايت ڪري ڇڏي آھي انهي حوالي سان جي يو آء اميدوار محمود حسين سومري ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آھي ته انشاالله الله پاڪ جي مدد عوامي ووٽ جي طاقت سان بلدياتي چونڊ ۾ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندس مونکي عوامي حمايت حاصل آھي باشعور عوام اليڪشن واري ڏينهن ڪتاب تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندو ان موقعي تي مولانا ارشد کهڙو. مولوي نديم احمد کهڙو. عبدالصبور. قاري طيب الدين ۽ ٻيا جي يو آء ڪارڪنن ساڻس گڏ ھئا.

  • مٽياري ٽائون ڪميٽي ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ چونڊ اتحاد قائم

مٽياري (ت ر) مٽياري ٽائون ڪميٽي ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي وچ ۾  چونڊ اتحاد قائم ڪيو ويو آهي پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي  پير سيد امير علي شاھ ھاشمي ۽ جميعت علماءَ اسلام ضلع مٽياري جي امير حاجي سارنگ منگوانو ۽ ٻين جي مٽياري ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس، پ پ اڳواڻ پير امير علي شاھ ھاشمي ڳالھائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ جي يو آئي کي وارڊ نمبر 5 تي ھڪڙي جنرل سيٽ ۽ 2 مخصوص سيٽون ڏنيو وينديون،پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي جي اتحاد سان چونڊن ۾ ڪاميابي بعد شھر کي ترقي ڏيارينداسين پير امير علي شاھ ھاشمي چيو ته پيپلزپارٽيءَ اميدوار وارڊ نمبر 5 تي جي يو آئي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻندو ۽ ٻه مخصوص سيٽون پڻ ڏنيون وينديون، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آئي شھر جي ترقي چاھين ٿيون، ان موقعي تي حاجي پرويز ميمڻ،سيد امير شاھ، حافظ نٽار احمد، سيد غلام مصطفيٰ شاھه، آصف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • سيٺارجا ۾ پيپلز پارٽي جو پاور شو،ڪارنر گڏجاڻيون

سيٺارجا(ن ع آ)  سيٺارجا ۾ تعلقي ٺري ميرواه پيپلز پارٽي جي صدر  ايڊوڪيٽ حاجي غلام عباس ڪٻر جي اڳواڻي ۾ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي  ۾ هڪ شاندار وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا سيٺارجا شهر کان ٿيندي ڳوٺ ماڪن ڪٻر, سئي گئس کان ٿيندي پيرٻڍڙو ڳوٺ وليداد لنڊ کان ٿيندي حاجي راڄپر کان ڳوٺ محبت خاصخيلي کان ٿيندي ڇتن شاه بخاري ,ڳوٺ محمد صادق ڪٻر کان ٿيندي ڳوٺ ڊينگل ويسر کان واپس سيٺارجا شهر پهتي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي 11وارڊن تي بيٺل اميدوارن ڊاڪٽر احمد علي ڪٻر غلام عباس نول, ڪامران عباس ڪٻر, حاجي غلام مصطفا لنڊ, آغا نظام الدين لنڊ, امير حسين خاصخيلي, آفتاب احمد عرف دودو خان لنڊ ۽ ٻين سوين ڪارڪنن  ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ريلي ۽ گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ئي واحد غريبن جي پارٽي آهي جيڪا عوام سان هر وقت ڏک سک ۾ گڏ رهي آهي هنن چيو ته هي عوام جو سمنڊ ڏسي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن  اليڪشن واري ڏينهن مخالفن کي بري شڪست ڏينداسين سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي 11 وارڊن تي پنهنجا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا  ھنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي سمنڊ آھي جنھن ۾ مخالف لڙھي ويندا ۽ کين عبرتناڪ شڪست مقدر ۾ ملندي اسان علائقي جي عوام جي بنا ڪنھن سياسي فرق جي خدمت ڪئي آھي جنھن جي موٽ ۾ ھر ھنڌ موثر نتيجا نڪري رھيا آھن ھنن چيو ته اسان جا دروازا عوام لاء هر وقت کليل آهن ۽ ھر مظلوم سان گڏ آھيون انشاء الله هن ڀيري به ڪامياب ٿي عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين.

  • راڻيپور۾پ پ اڳواڻ پاران گڏجاڻي،وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي ريلوي اسٽيشن تي بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پ پ اڳواڻ ثناءٌ الله ڄامڙو پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ ٽائون ڪاميٽي راڻي پور پاران نامزد ڪيل چئيرمين جي اميدوار درگاھ غوثيه دستگير راڻي پور جي گادي نشين پير سيد سورج دستگير شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف برادرين جي ماڻھن جنھن ۾ ڄامڙا، سيال، تماچي، سولنگي، چوھاڻ، راچپر برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پير سيد سورج دستگير ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ھن چيو ته اسان جو شھر ۾ ڪيترائي مسئلا آھن جن کي چونڊجڻ بعد سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ھن چيو ته مون سميت سمورن وارڊن تي بيٺل پي پي اميدوارن کي 26 تاريخ تي کٽرائي ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏيندا. ھن چيو ته اوھان سڀني جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف پيپلز پارٽيءَ وٽ ئي موجود آھي. ان موقعي تي آيل مھمانن کي اجرڪن جا تحفا ۽ گلن جا ھار پارايا ۽ سندس جي ڀرپور حمايت جو اعلان پڻ ڪيو. ان موقعي تي نصير راڄپر، اڳوڻو ڪائونسلر بھادر کوکر،مريد عباس سولنگي ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا.

  • ڪنري ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن جو آر او خلاف احتجاج

ڪنري (ت ر) يوسي ميمڻ ڪنري تي  پي ٽي آءِ چيئرمين اميدوار هارون ميمڻ، وائيس چيئرمين، اڪرم رند، ضلعي ڪائونسل اميدوار فقير گل حسن خاصخيلي ۽ جنرل ڪائونسلر جي اميدوارن پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو ته آر او ڪنري محمد حسن کوسو مخالف اميدوارن جي ڌر بڻيل آھي، اليڪشن ايجنٽن لاءِ اميدوارن جا فارم صحيح ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو آھي، آر او ايجنٽن جا نالا ۽ شناختي ڪارڊ گهري رهيو آھي، اهو آر او جو اختيار نه آھي، اليڪشن ڪميشن جي رولز ۽ ھدايت نامي ۾ به لکيل نه آھي. ھنن چيو ته آر او اي سي ڪنري مڪمل ڌر بڻيل آھي، ميمڻ ڪنري جي عورتن واري پولنگ تي ميل پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملو في ميل مقرر ڪيو آھي، جيڪو غلط آھي، آر او فساد ڪرائڻ چاهي ٿو، آر او ڪنري مڪمل حڪومتي ڌر جو ونگاري بڻيل آھي. ھنن اليڪشن ڪميشن، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺي آر او کي هٽائي صاف شفاف اليڪشن کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

  • حوصلا بلند آهن، فتح يقيني ٿيندي: علي رضا چانڊيو

جمال شاھه (ن ع آ)حوصلا بلند آهن، فتح يقيني ٿيندي، علائقي واسين کي ڪڏهن به اڪيلو ڇڏيو ناھي، اھڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي پاران  يونين ڪائونسل مھراڙو تي چيئرمين جي سيٽ لاءِ نامزد اميدوار علي رضا چانڊيو ڪارنر گڏجاڻين دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ھن چيو ته پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان يونين ڪائونسل مھراڙو جي سيٽ لاءِ اميدوار نامزد ٿيڻ ئي مون لاءِ اعزاز جي ڳالھ آهي ته ھن علائقي جي عوام مونسان گڏ آهي، جيڪا 26 جون تي تير تي ٺپو ھڻي پنھنجو فيصلو ٻڌائيندي، چونڊ مھم دوران پڻ ڀرپور موٽ ملي رھي آھي، ۽ مڪمل حمايت جي خاطري سبب پر اميد آھيان تہ پيپلز پارٽي جا نامزد ٿيل اميدوار يونين ڪائونسل مھراڙو سميت سڄي ضلعي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا، ھن چيو ته اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد بنا ڪنهن فرق جي مليل بجيٽ عوام ۾ ورھائيندس، ۽ مختلف ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتن جي حل لاءِ پارٽي قيادت کي آگاھ ڪري مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس.

  • حڪمران جماعت انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي:لال مالهي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لال مالهي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو حڪمران جماعت سميت پوليس ڊي آر او ۽ آر او سان آھي، جيڪي سرڪاري مشينري استعمال ڪري اسان جي اميدوارن کي حراسان ڪري رهيا آھن، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پي ٽي آءِ  جي اميدوارن توڙي حمايتن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ايڊوڪيٽ علي پلھه، آفتاب قريشي، وڪيل ڀڳوان داس ڀيل، راجا عبدالحق سان گڏجي پريس ڪانفرس دوران  ڪيو.هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن توڙي ڪارڪنن کي بيگناهه گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي سميت ٻيا ڪوڙا ڪيس لڳائي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهڙي انتقامي ڪارروائين کان اسان کي ڪنهن به صورت ۾ ڊيڄاري نه ٿو سگھجي، اسين چونڊن ۾ اُميدوارن ۽ سرڪاري مشينري سان هر صورت ۾ مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته پ پ 14 سالن جي اقتدار ۾ رهڻ کان پوءِ عوام وٽ هاڻي ووٽ لاءِ در در ڌڪا کائي رهي آھي، جتي عوام کين جيڪا موٽ ڏئي رهي آھي انهي مان ثابت ٿي چڪو آھي ته هاڻي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن.هنن مطالبو ڪيو ته اليڪشن ۾ سرڪاري مشينري جو استعمال ۽ پري پولنگ ڌاندلي بند ڪري اليڪشن کي شفاف بڻايو وڃي.

  • نفيسا شاهه جا جيلاني طوفاني دورا،  گلن جي ورکا

خيرپور ( س ر ) خيرپور کان يوسي شادي شهيد جي چئن وارڊن ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيد نفيسه شاه جيلاني جا بلدياتي چونڊ مهم جي حوالي  سان طوفاني دورا ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني  جي يوسي شادي شهيد پهچڻ تي گلن جي ورکا ۽ تحفي ۾ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پارايا ويا.  ان موقعي تي ايم اين ڊاڪٽر سيد نفيسه شاه جيلاني چيو ته يوسي جي عوام جو جوش ۽ جذبي مان ثابت ٿو ٿئي ته انشاالله تير جي فتح ٿيندي اوهان جي يونين ڪائونسل شادي شھيد جا اميدوار  چيئرمين فقير شير علي ڏيٿو ايماندار ماڻهو پارٽئ طرفان توهان کي تحفو مليل آهي 26  جون تي تير تي ٺپو هڻي پهنجي يوسي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي جيئي ڀٽو جو ثبوت ڏيندا ۽ بعد ۾ توهان جا اميدوار ايمانداري سان توهان جا مسئلا حل ڪندا ان موقعي تي ڌاريجا مهراڻي اوڍاڻا ڪٽوهر  هاليپوٽا لاکا ڀنڀرا لنڊ شنباڻي ۽ ٻين يوسي جي برادرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ايم اين ادي نفيسه شاه سان وچن ڪيو ته انشاالله تير جي فتح آهي ان موقعي تي علي شير مڪول، زاھد ڳنڀير ، ڊسٽرڪٽ  ڪائونسل جو ميمبر وڏيرو ديدار ڪٽوھر،  سيد قرالدين شاهه، حاجي سليمان ڪٽوھر، وائيس چئرمين شھزادو خان ڌاريجو، صحافي شاهد نواز سيال  محرم ھاليپوٽو، بگن ڌاريجو موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.