بلڙي شاهه ويجهو نوجوان پنڃاري واهه ۾ ٻڏي فوت

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ)بلڙي شاهه ڪريم جي ويجھو ۾ پنجاب کان مھمان طور آيل 32 سالا محمد عمير پٽ نصير آرائين سخت گرميءَ  سبب پنڃاري واھ ۾ ونھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. فوتيءَ جو لاش ٻاھر ڪڍڻ لاء ٽوٻا طلب ڪيا ويا. جڏھن ته ڪافي دير ٽوٻن پاران فوتي جي مڙھ کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر فائيل ٿيڻ تائين فوتيءَ جو لاش ھٿ اچڻ جو اطلاع نه ملي  سگھيو . جڏھن ته ٻڏي فوت ٿي ويل عميرآرائين جنھاڻ جي مفتي عالم حبيب الرحمان سومرو وٽ مھمان طور آيل ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.