جهمپير لڳ ڪوئلي جي کاڻ جي ڀڪ ڪرڻ سبب چاچو ڀائٽيو دٻجي فوت

جهمپير ( ن ع آ) جهمپير لڳ يعقوب بروهي هوٽل وٽ نديم ڪول مائينز ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندي کاڻ جي ڀڪ ڪرڻ سبب 3 پورهيت دٻجي ويا جڏھن ته هڪ پورهيت وزير احمد پٽ يوسف بروهي کي ڳوٺاڻن ٻاهر  ڪڍي بچائي ورتو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدراباد منتقل ڪيو ويو جڏھن ته اڪرم پٽ سهراب بروهي ۽ سندس ڀائٽيو شير خان پٽ رفيق بروهي فوت ٿي ويا. فوتي پورهيتن جا لاش 8 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍي ورتا دٻجي فوت ٿيل ٻنهي پورهيتن جا لاش جهرڪ اسپتال مان  پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.  اطلاع ملڻ تي جهمپير جا سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ شھري وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا.هنن چيو ته ڪول مائينز ۾ ڪافي حادثا پيش اچي چڪا آھن، جنھن ڪري ڪيترائي پورهيت زندڳي وڃائي چڪا آھن، ڪوئلي مان لکين رپيا ڪمائيندڙ ڪمپنين وٽ پورهيتن لاءِ سيفٽي جو ڪو بندوبست ناهي. هنن ڪوئلي جي کاڻ مالڪ ۽ معدنيات کاتي جي انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.