لاڙڪاڻو واسي نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

غوث پور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي) غوثپور پوليس لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.  پوليس موجب ڌاڙيلن نظر محلي لاڙڪاڻي جي رهواسي محمد عثمان پٽ محمد خان چانڊيو کي عورتاڻي آواز ۾ هرکائي غوث پور گهرايو، جتان هن کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو،پوليس موجب انڙ اسٽاپ ڀرسان ڪارروائي  ڪري عثمان چانڊيو کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.پوليس موجب لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي تيغاڻي گينگ عورتاڻي آواز ۾ هرکائي اغوا ڪرڻ لاءِ غوث پور گهرايو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.