ڪشمور جي ڪچي مان اغوا ٿيل ٻار آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪشمور (ن ع آ)ڪشمور پوليس گيھلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ڊرامائي انداز ۾ ڪارروائي ڪري 19 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٽن ورهين جي ٻار شيراز ملڪ کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ورتي. ايس ايس پي امجد شيخ ڪشمور شهر جي ملڪ پاڙي ۾ پھچي ٻارڙو وارثن حوالي ڪيو. ايس ايس پي ڪشمور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارن کي اغوا ڪندڙ ھڪ گروھ تائين پھتاسين، ڪجهه جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته  گيھلپور واري علائقي مان اغوا ٿيل ٻار جي موجودگي واري اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او حسين علي شاھاڻي، اياز کيڙو، ايس ايڇ او گيهلپور ۽ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي مغوي ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.