ڏوڪري ۾ ٻارڙي سان زيادتي مامرو، آزاد ٿيل جوابدار جون ڌمڪيون

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ڏوڪري شهر جي غلام شاهه پاڙي جي رهواسي پورهيت بااثرن خلاف پنهنجي معصوم ڌيءَ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نياز علي ڪلهوڙو دانهيو ته  گذريل سال 9 فيبروري تي منهنجي ڌيءَ مرڪ ڪلهوڙو پاڙي جي دڪان تان شيءَ وٺڻ لاءِ وئي جتي سهڻل شاهه منهنجي ڌيءَ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو اهڙو ڪيس حد جي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن تي پوليس کيس گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو جنهن کي عدالت ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو مون کي ٻين سان گڏجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي انهن مان مون سميت منهنجي گهرڀاتين کي جان جو خطرو پڻ آهي. هن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.