ڀرياسٽي ۾ پورهيت تي تشدد، بااثر جي وڊيو وائرل ٿي وئي

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ کاهي راهو ۾ گڏهن تي مٽي ڍوهي پورهيو ڪندڙ نوجوان ببلو پٽ خير محمد لاڙڪ پورهيو ڪري  رهيو هيو، جو بااثر صحت کاتي ملازم لياقت لاڙڪ پاران موٽر سائيڪل تي پنهنجي ساٿي سان گڏ پورهيو ڪندڙ نوجوان مٿان سخت تشدد ڪيو ويو. جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا وائرل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ گڏهه هلائيندڙ پورهيت نوجوان ببلو لاڙڪ ٻڌايو ته بااثر ڳوٺاڻن روڊ تي پٿر ڪرائڻ جو جواز ڄاڻائي سرعام ڏينهن ڏٺي جو سخت تشدد جو نشانو بڻائي موٽر سائيڪل تي يرغمال بڻائي کنڀي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اعلي اختيارن سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته تشدد ڪندڙ بااثرن خلاف قانوني قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻئي پاسي وڊيو  ۾ تشدد ڪندڙ بااثر صحت کاتي جي ملازم لياقت لاڙڪ ٻڌايو ته گڏهه هلائيندڙ پورهيت منهنجو ڀاڻج آهي. سندس سان گھرو معامري تان اسان جو جھيڙو ٿيو آهي، مان سندس مٿان ڪوبه تشدد ناهي ڪيو. سياسي انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.