سڪرنڊ ۾مڙس جو زال کي مبينا اغوا ڪرڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) پراڻا هالا جا رھواسي  غلام نبي سولنگي،  لياقت علي ، نوربانو،  زينت ، صاحبه ،مينا سولنگي سخت احتجاج  ڪندي غلام  نبي سولنگي ٻڌايو ته منهنجي  گھر واري ڪونج پرائيويٽ اسپتال آر ايچ سي سينٽر خيبر تي ڊيوٽي ڪندي ھئي جتان کيس مٽياري جا رهواسي روھي ميمڻ ۽  سندس مڙس عمران گل ميمڻ نشو ڏئي اغوا ڪري ويا  آهن اھڙو اطلاع اسان هالا ٿاڻي تي پڻ رپورٽ داخل ڪرائي ڏنو آهي. اسان ايس ايس پي مٽياري وٽ پڻ شڪايت ڪئي آھي  پر اڃان تائين ڪو به  قدم نه  کنيو ويو آهي  جڏهن  منهنجي  گھر واري سان منهنجا ٻه پٽ  5 سالا دلبر 3  سالا غلام مصطفي پڻ گم آهن  جنهن جي اسان جانچ ڪئي آهي  ته روھي ميمڻ ۽ سندس مڙس عمران گل ميمڻ  منهنجي  گھر واري  کي اغوا ڪرڻ بعد مٽياري جي رھواسي بھاول شاهه  کي وڪرو ڪري ڏني آهي ھنن مطالو ڪندي چيو آهي ته منهنجي  گھر واري ڪونج کي با اثر ڌرين کان آزاد ڪرايو وڃي ايس ايس پي مٽياري. وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي گھر واري  ۽ معصوم ٻارڙا جلد آزاد ڪرائي ڏنا وڃن ۽  جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.