پ پ جا ڀوتار انتقامي ڪارروايون ڪرڻ تي لهي آيا آهن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته بلدياتي اليڪشن ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن طرفان پ پ اميدوارن سامھون فارم ڀرائي اليڪشن ۾ سخت مقابلو ڪرڻ سبب پ پ جا ڪرپٽ ڀوتار بوکلائجي انتقامي ڪارروايون ڪرڻ تي لھي آيا آھن. . اڳواڻن چيو آھي ته عوامي تحريڪ جي اميدوارن کي دٻائڻ ھيسائڻ ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ ڊي آر اوز ۽ آر اوز سميت چونڊي چونڊي جيالا اليڪشن عملي طور مقرر ڪيا ويا آھن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي ته ڪيترن ئي سياسي پارٽين جي اميدوارن کي سندن پارٽي نشان الاٽ نه ڪيا ويا آھن، سانگھڙ جي يو سي ٻرھون تي عوامي تحريڪ جي اميدوار راڻو ڪنڍاڻي جو پارٽي نشان گليل تبديل ڪري کيس اوچتو واسڪوٽي الاٽ ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.