سجاول لڳ راند کيڏڻ دوران پير ترڪڻ سبب 2 ٻارڙيون کڏ ۾ڪري ٻڏي فوت

سجاول (رپورٽ: امتياز سومرو) سجاول لڳ ٻه ٻارڙيون کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. خبر موجب سجاول لڳ ڳوٺ ڏتل لغاري ۾ راند کيڏڻ دوران ٻارڙيون افشان ڌيءُ افضل ۽ شوانا ڌيءُ حاجن لغاري پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ڪري پيون. ٻڏي ويل ٻارڙين کي ڳوٺاڻن کڏ مان ڪڍي سول اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر سندن موت جي تصديق ڪئي.ٻئي طرف ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙين جا لاش گهرن ۾ آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.