روهڙي لڳ پوليس مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

روهڙي ( ن ع آ )  روهڙي جي علائقي اڇيون قبيون پنجن نلڪن ڀرسان روھڙي پوليس جو چيڪنگ دوران هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو جنهن  نتيجي م هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو ٻه ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب جڏهن ته  زخمي ٿيل ڏوهاري جي سڃاڻپ اسد علي طور ٿي آهي، ضلعي پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب روهڙي پوليس چيڪنگ دوران مقابلو ٿي پيو  پنجن نلڪن وٽ هٿياربندن جي  فائرنگ پوليس موجب زخمي ٿيل ڏوهاري کي تعلقه اسپتال روهڙي ۾ داخل ڪيو ويو وڌيڪ روھڙي ٿاڻي جي منشي ارشد جسڪاڻي ٻڌايو آھي ته سندس جي قبضي مان هڪ پستول، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، زخمي ڏوهاري  پوليس مقابلي موٽرسائيڪل ڦرڻ ۽ چوري سميت ڪيترن ئي سنگين واقعن ۾ ملوث آهن گرفتار ٿيل ڏوهاري کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، فرار ٿيل ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.