سينيئر سياستدان سڪندر منڌرو جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

بدين( ڊ ر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي جنازي نماز انڊس اسپتال بدين جي سامهون  ادا  ڪئي ويئي جنازي نماز علامه مولانا مفتي محمد احمد نعيمي سجاده نشين درگاھ ڪوڏاريو شريف پڙھائي. مرحوم جي آخري ديدار لاءِ سياسي سماجي شخصيتن کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ موجود هئي. جنازي نماز ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ، ميمبر قومي اسمبلي مير غلام علي ٽالپر ، وزير اعليٰ سنڌ جي بحالي واري کاتي جي صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو،  ، ميمبر صوبائي اسمبلي. مير الله بخش ٽالپر ، ميمبر صوبائي اسمبلي حاجي تاج محمد ملاح ، صوبائي اسمبلي جو اڳوڻو ميمبر پير امجد شاهه صديقي ،  ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ، ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان ، ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو حيدرآباد سوائي خان ڇلگري ، اڳوڻو سيڪريٽري ايريگيشن اشفاق ميمڻ ، پاڪستان پيپلزپارٽي جا مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهري ،  نياز لاشاري ، حاجي عبدالغفور ميمڻ ،سعيد احمد بلوچ ، اڪرم نظاماڻي،  سميت ٻين سياسي مذهبي جماعتن جي نمائندن شهر جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ بزرگ مرحوم جا عزيز اقارب ۽ عوام وڏي تعاد ۾ شرڪت ڪئي . مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وصيت جي مطابق هن جي تدفين آباڻي قبرستان متارو منڌرو ۾ ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي پٽ ذڪريه سڪندر منڌرو ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو سان وڏي تعداد ۾ ماڻهن تعزيت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.