پاڻي جي کوٽ سنگين بڻجي وئي آهي، قوم سجاڳ ٿئي: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفرميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم مرڪزي ميڊيا سينٽرل قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو گڏيل مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته وقت جي حڪمران هٿرادو مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ماڻهن کي مفلسي ۽ غربت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي سنڌ جي حقيقي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌو درياھ سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو آهي، جنهن تي پنجاب طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد قابض آهي، درياءَ جي قبضي تي سنڌ جا حڪمران خاموش آهن، تنهن ڪري سنڌ کي سجاڳ ٿي پنهنجو سنڌو درياءَ بچائڻو آهي، مرڪزي پڌرائي ۾ ديدار شام ڄاڻايو آهي  ته 25 جون تي رتوديرو ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي صدارت ۾ جسقم مرڪزي باڊي جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ تاريخي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.