خيرپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ ٻه ڄڻا سخت زخمي

خيرپور (س ر) شاهه حسين ٿاڻي جي حد ٺيڙهي ڀرسان ڀاڻو ڦلپوٽو ڳوٺ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن پورهتن عبدالقدير ڦلپوٽو ۽ امير احمد ڦلپوٽو کي سخت زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال کڻائي علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو آهي ، جڏهن ته زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي اڄ هٿياربندن کلي عام فائيرنگ ڪري اسان جي ٻن نوجوانن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا اسان  پوليس کي حملي جو اڳ ۾ اطلاع ڏنو هو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به  ڪاروائي نه ڪئي .هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.