ڪراچي ۾ مينهن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو احتجاج

سرجاني ٽائون (ن ع آ) گڏاپ جي ناگوري سوسائٽي ۾ مينھن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ مزدورن پاران پگهارون وڌائڻ لاءِ احتجاج ڪندي، گورنر  ٻلال، لياقت مڱڻھار، راحب ابڙو، ببلو خاصخيلي، ڀليڏنو ٻلال، ٻيجي جوڻيجو، عرفان مڱريو، آفتاب مڱڻهار، گل شير مجيداڻو، ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاران 25 ھزار مھينو پگهار مقرر ڪيو ويو پر اسان جي ناگوري سوسائٽي ۾ 2 ھزار کان مٿي مينهن جي واڙن تي ھزارين مزدور 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود سيٺ 16 ھزار پگهار ڏين ٿا اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته کير جي قيمتن کي سيٺ چوٽ چڙهي ويٺا آهن پر اسان جون پگهارون ساڳيون آهن انهن حڪومت سنڌ توڙي وفاق کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي پگهارن کي وڌائي 25 ھزار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مال جي ڏھائي بند ڪري ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.