لاڙڪاڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل اي ايس آءِ جو ڪيس داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نيو بس ٽرمينل رتوديرو روڊ تي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل  رتوديرو واسي پوليس اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ سندس زخمي ٿيل پٽ رياض حسين سيانچ واري واقعي جو ڪيس وليد ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ منظور علي سيانچ جي فرياد تي گناهه نمبر 2022/90 قلم 337، 404، 324، 302، 148، 147، ايڇ ٽو تحت داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته مقتول اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ ڀٽي برادري چ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن معاملي تان جوابدارن کيس قتل ۽ سندس پٽ کي زخمي ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي سول لائين ۽ ايس ايڇ او وليد تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.