ميرپور ٻرڙو ۾ گيسٽرو وگهي ٻارڙي فوت، ڪيترائي بيماري ۾ ورتل

ميرپور ٻرڙو (ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو لڳ ڳوٺ ملان سوڍو ٻرڙو ۾ ٽن ورهين جي نينگري ڪريم ڏني ڌيءَ راحب ٻرڙو جيڪا گيسٽرو جي بيماري ۾  مبتلا هئي ۽ علاج لاءِ ميرپور ٻرڙو شهر جي مقامي اسپتال ۾ آيل ھئي جيڪا اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، نينگري جي فوتگي جو ٻڌي صدمي ۾ امڙ بيهوش ٿي وئي، ميرپور ٻرڙو شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گيسٽرو جي بيماري ۾ ڪيترائي ٻارڙا مبتلا آهن، جڏھن ته صحت کاتي پاران ڪي به اپاءَ  نه ورتا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.