حيدرآباد ۾ پارڪ جي ٽانڪي مان اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني ۾ پارڪ جي ٽانڪي مان اڌڙوٽ شخص جو لاش مليو. اطلاع تي ڪينٽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد اجمل پٽ محمد يونس راجپوت طور ٿي آهي. سندس تعلق ڄاڻايل علائقي سان آهي. پوليس موجب فوتي مبينا طور منشيات واپرائيندو هو ۽ اڪثر ڪري گهر کان ٻاهر ٻارڪ ۽ گهٽين ۾ موجود رهندو هو. گذريل ڏينهن پارڪ ۾ موجود هو جنهن بعد سندس لاش پاڻي جي ٽانڪي مان هٿ آيو آهي. پوليس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي پنهنجي گهر کڻائي ويا. ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد ملڪ جو چوڻ آهي ته وارثن پاران فوتي بابت ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ ظاهر ناهي ڪيو. جيڪڏهن وارث ڪارروائي لاءِ ايندا ته هو معاملي جي جاچ شروع ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.