رتوديرو جي امدادي سينٽر تي ايجنٽ سرگرم، عورتن جون دانهون

رتوديرو   ( ن ع  آ )  رتيديري جي مستحق عورتن جي حقن تي ڌاڙو ، ڊوائيس مالڪن جون ٻئي اکيون غريب عورتن جي آيل 2 هزار روپين جي ڪٽوتي ڪرڻ ۾ کتل ، ايجنٽ مافيا به سرگرم 200 کان 300 روپيه ڪٽوتي ، مستحق عورتن جون دانهون ، احتجاج : خبر موجب رتوديرو شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ جي علائقن جي رهواسي غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد لاءِ آيل 2 هزار روپين مان ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ ڊوائيس مالڪن پنهنجون ٻئي اکيون انهن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي وجھي ڇڏيون آهن جڏهن ته ايجنٽ مافيا وارا سرگرم بڻجي ويا آهن، ڊوائيس مالڪ ۽ ايجنٽ مافيا جا همراهه پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري ٻنهي هٿن سان غريب ۽ مستحق عورتن کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن ان ڏس ۾ وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي ته وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل سستو اسڪيم تحت اعلانيل رقم غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ورهائڻ واري اعلان کان پوءِ آيل ٻه هزار روپين وارن پيسن مان ڊوائيس مالڪ ۽ ايجنٽ مافيا وارا 200 کان 300 روپيه ڪٽوتي ڪري رهيا آهن مائي ضميران خاتون ، مسمات سچل خاتون ، حميدان خاتون ، شبانا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آيل رقم ٻه هزار روپين مان ڊوائيس مالڪ في عورت جا ٻه سو کان ٽي سو روپيه ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جيڪو اسان غريب عورتن سان سراسر ظلم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.