ملڪ مهانگائيءَ جي زد ۾ آهي

ملڪ جي باخبر ۽ مستند ذريعن پاران ميڊيا ۾ ان خيال جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي مهانگائيءَ جيڪا حالت بڻائي رکي آهي اُها آخري نه آهي ڇاڪاڻ ته جو هلندڙ سال جي جولاءِ مهيني تائين موجود مهانگائيءَ ۾ چاليهه سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح نظرانداز ڪرڻ ڏکيو آهي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف سان جيڪي معاملا طئي ٿيڻ وارا آهن. انهن ۾ پهريون شرط موجود تيل ۽ گيس جون قيمتون وڌائڻ جو آهي، جڏهن ته ملڪ جا ماڻهو اڳ ئي مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا آهن، جولاءِ ۾ چاليهه سيڪڙو تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ اچڻ ڪري روز مرهه جي هر شي مهانگي ٿيندي جنهن ڪري موجوده حڪومت ڪنهن به طرح مسئلن کي منهن نه سگهندي.

مليل معلومات مان اها ڳالهه به ظاهر ٿي رهي آهي هن ئي سال جي ڪنهن به مهيني ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ نئين معاهدي لاءِ حڪمران عالمي اداري کي ڏيڻ لاءِ چار سئو پنجاهه ارب روپيا ڪٿان پيدا ڪندا جو اهي نئين معاهدي لاءِ ان وٽ ويندا، اهي روپيا پيدا ڪرڻ حڪومت لاءِ ضروري ٿي پيا آهن، جن کي پيدا ڪرڻ لاءِ واڌو ٽيڪس لڳايا ويندا، قيمتون وڌايون وينديون، ائين ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو هڪ اهڙو زوردار طوفان ايندو جيڪو حڪمرانن جي وس کان ٻاهر هوندو پر ان سڀ جو تکي نموني شڪار هتان جو عوام ٿيڻو آهي، جيڪو اڳ ئي ٽن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، روزگار جا وسيلا اڻ پورا آهن، انديشو اهو آهي ته عالمي مالياتي اداري سان ٿيندڙ نئين ٺاهه کانپوءِ جيڪا مهانگائي ملڪ ۾ پير پائيندي اها امڪاني طور ملڪ کي سريلنڪا جهڙين حالتن ڏانهن وٺي ويندي، جنهن کان بچڻ لاءِ حڪمرانن وٽ ڪنهن به قسم جي رٿابندي نه آهي.

حڪومت پنهنجي طريقي ضرور ڪي اپاءُ جوڙي وٺندي پر انهن ماڻهن جو ڇا ٿيڻو آهي جيڪي اڳ ئي غربت جي لڪير کان ڪيترو ئي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. امڪاني طور جيڪڏهن جولاءِ کانپوءِ ملڪ ۾ ٽيون ڀيرو نئين بجيٽ اچڻي آهي ۽ ان ۾ شين جا اگهه وڌن ٿا جن جو اندازو چاليهه سيڪڙو آهي ته پوءِ عوام لاءِ جيئڻ جو ڪهڙو طريقو بچندو اهو هتان جا حڪمران عوام کي ٻڌائيندا!

ڏٺو اهو ويو آهي ته ملڪ جون حالتون اهڙيون ڏکيون هوندي به حڪمران پنهنجي حاڪميءَ جي خرچن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جو عوام ڏکيائيءَ سان ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مهانگائي سندس رتُ ستُ نپوڙي ڇڏيو آهي، هو ننڍي کان ننڍي شيءِ خريد ڪرڻ جي سگهه به وڃائي ويٺو آهي ۽ امڪاني مهانگائيءَ بابت اطلاع ٻڌي سندس رهيل پساهه به پورا ٿي رهيا آهن.

ملڪ جي حاڪمن کي صرف ننڍڙي گذارش آهي ته اهي عوام جي سهپ واري قوت کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ عيوض انهن جي جيئڻ لاءِ ۽ جيئري رهڻ لاءِ هن موتمار مهانگائيءَ جي راڪاس کي قبضي ۾ آڻين! ۽ سڀاڻ وڌندڙ مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ وٺي عوام جي دلين تي ڪو ٿڌو ڇنڊو هڻن، ائين پنهنجي لاءِ نيڪ خواهشن جو رستو جوڙين!

 

ايڊووڪيٽ نور ناز آغا جو ڏکوئيندڙ وڇوڙو

 

ملڪ جي نامياري وڪيل، سماج سڌارڪ ۽ انساني حقن لاءِ قانوني طور ويڙهه ۾ رهندڙ خاتون نور ناز آغا جو اوچتو وڇوڙو، شدت سان اهو محسوس ڪرائي رهيو آهي ته سنڌ مان هڪ اهڙي بهادر ۽ بي باڪ وڪيل موڪلائي وئي آهي، جنهن جي اڻ هوند گهڻي وقت تائين سماج محسوس ڪندو رهندو.

نور ناز آغا پنهنجي پيشي سان زندگيءَ جي آخري پساهه تائين جڙي رهي ۽ هوءَ خاص طور ملڪ جي عام عورتن جي حقن لاءِ لڳاتار جهيڙيندي رهي، جنهن سبب سندس موت کانپوءِ عورتن جي حقن لاءِ لڙندڙ هڪ خاتون وڪيل جي اڻ هوند سدائين محسوس ڪئي ويندي.

نور ناز آغا پنهنجي علم ۽ پيشي کي فقط پنهنجي شخصي سکن لاءِ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. هن قانون جي پيشي سان عام ماڻهن لاءِ خاص ڪري انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، جنهن جي عيوض کيس ملڪ توڻي سنڌ جي انهن وڪيلن ۾ ياد ڪيو ويندو جيڪي پنهنجي پيشي سان انسانن لاءِ ڪي نه ڪي چڱايون سماج اندر ڳولي لهندا آهن.

نور ناز آغا، انساني حقن جي ادارن سان جڙيل هجڻ سبب ملڪ توڻي ملڪ کان ٻاهر پڻ پنهنجي هڪ اعليٰ سڃاڻپ رکڻ واري خاتون وڪيل هئي. پڪ سان سندس وفات اهو احساس ڏياري وئي آهي ته ملڪ سنڌ سميت هڪ ماهر وڪيل کان وانجهو ٿي ويو آهي.

ماڻهو اچڻو وڃڻو آهي پر ڪي ڪي ماڻهو هيءُ جهان ڇڏڻ کان پوءِ گهڻو وقت ياد ڪيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندن جڳهه ڀرجڻ ۾ سماجن ۽ ملڪن کي ڊگهو وقت لڳي ويندو آهي، شايد نور ناز آغا جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ به سنڌ توڻي ملڪ کي چڱو وقت لڳي وڃي پوءِ به شخص جو هليو وڃڻ پاڻ سان گڏ گهڻو ڪجهه کڻي هليو وڃي ٿو ۽ هليو وڃڻ وارو شخص جڏهن نور ناز آغا جهڙو قابل قانوندان هجي ته ان جي اڻ هوند شدت سان محسوس ٿيندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.