مخدوم احمد حسين کي الوداعي ڀيٽا

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ڊڀري جي مخدوم عبدالوالي خاندان جي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو باب ڪالهه رات 23 جون تي پنهنجي پڄاڻيءَ تي رسيو، جنهن جو نالو هو ”مخدوم احمد حسين“.

¨ ڊڀري جي هن خاندان جي يقيني طور تي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جيڪا ڪتابن ۾ موجود آهي پر جنهن جج مرحوم عبدالوالي مخدوم جي خاندان جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان تنهن جي تاريخ گهٽ لکيل آهي.

¨ ان خاندان جي سڃاڻپ جو وڏو حوالو سندن غير معمولي ذهانت، اعليٰ تعليم ۽ وڏن عهدن تي رسڻ آهي. مخدوم عبدالوالي صاحب ٻه شاديون ڪيون ۽ ٻنهي شادين مان سندن جيڪو اولاد پيدا ٿيو سو هر ڪو موتيءَ داڻو آهي ۽ پنهنجي ذات ۾ هر ڪو الڳ ڪائنات آهي.

¨ مخدوم احمد حسين، بيبي شهزاديءَ جي ڪُک مان جنم ورتو جنهن سنڌ کي خالد مخدوم، زاهد مخدوم ۽ ثريا مخدوم جهڙيون شخصيتون پڻ پيدا ڪري ڏنيون جن جا الڳ وڏا پروفائيل آهن.

¨ ان مخدوم فيملي سان اسان جي پيرزادا خاندان جو جيتوڻڪ پيري مريدي وارو تاريخي سلسلو رهيو آهي پر مخدوم عبدالوالي جي فيملي يا اولاد سان اسان سڀني جو پيري مريدي کي ڇڏي دوستاڻو ۽ فيملي وارو تعلق رهيو آهي.

¨ مخدوم احمد حسين شروع کان ئي ذهين ۽ پوزيشن هولڊر شاگرد رهيو. ميرين انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائون، ان شعبي ۾ دنيا جي وڏين يونيورسٽين جا پروفيسر رهيا ۽ ان شعبي جي ماهر طور ڪافي سال اڳ رٽائر ٿيا. ائين اسان جي هن سنڌ ڄائي، وڏن پرڏيهي ملڪن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون.

¨ مخدوم احمد حسين صاحب سنڌ جي انهن شخصيتن مان هڪ آهن جن بحيثيت سنڌي، عالمي سطح تي پنهنجين صلاحيتن کي مڃرايو ۽ پنهنجي ذات وسيلي عالمي سطح تي سنڌ کي متعارف ڪرايو. سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ليڪچر ڏنا جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي.

¨ مخدوم احمد حسين جهڙين شخصيتن کي ته لازمي طور آتم ڪٿا لکڻ گهرجي هان. ڪاش احمد حسين پنهنجي آتم ڪٿا لکي ها. مان جڏهن به ساڻس ملاقات ڪندو ته ان ڳالهه تي زور ڏيندو هيومانس ته ثريا مخدوم صاحبه کلي چوندي هئي ته لکندو نه باقي ريڪارڊ ڪيوس ته ڳالهائيندو. اها صلاح به سٺي هئي پر اهو ڪم به نه ٿي سگهيو ۽ ائين احمد حسين صاحب پنهنجي تاريخ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، جنهن جو مجموعي طور تي سنڌ کي ئي نقصان ٿيو.

¨ سائين احمد حسين آخري دور ۾ شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعري جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ اهو ڇپائڻ جو ارادو پيو رکي. ان حوالي سان هڪ ڀيري مان کين پيڪاڪ جي آفيس وٺي به ويو هيس، پبلشرس سان ڳالهيون به ٿيون پر پوءِ الائي ڇو اهو ڪم به بيهي ويو ۽ اڳتي وڌي نه سگهيو.

¨ سائين احمد حسين مذهبي ۽ صوفي خيالن جو هو. ۽ صوفي ماڻهو موت کي وصل سمجهندا آهن. مخدوم احمد حسين پنهنجي رب سان ملڻ لاءِ آخري سفر جو شعوري طور تي اهتمام ڪندي.

¨ ڊگهي بيماري کانپوءِ پنهنجو آخري وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ گهاريائين ۽ پنهنجي ڳوٺ کي ئي حياتي جا آخري ساهه بخشيائين.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته مخدوم احمد حسين ڄڻ موت جي انتظار ۾ ڳوٺ ويٺل هو، ۽ موت جڏهن سندس ساهه وٺڻ آيس ته ڄڻ وڏو ڀاڪر پائي کيس کلندي چوندو هجي ته ”مرڻ مون سين آءٌ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان …..“

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.