مار ! نور ناز آغا به وڇڙي وئي

سڄي زندگي قانون-انصاف جي بحالي ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پتوڙيندڙ، مظلوم/محڪوم قومن ۽ طبقن جي سياسي، جمھوري ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙ/جدوجھد جي علمبردار، نامور قانوندان سانئڻ محترمه نور ناز آغا جو وڇوڙو سنڌ جي سياسي، سماجي، جمھوري ۽ انساني حقن واري تحريڪ توڙي سنڌ ديس جو وڏو نقصان آھي!

سانئڻ نور ناز آغا پنھنجي شاندار ڪردار، اخلاص، اخلاق توڙي کلمک طبعيت سبب وڏي عرصي تائين ياد رکي ويندي! 2008ع کان جڏھن حيدرآباد پوليس اسان جي خاندان خلاف بدترين رياستي تشدد جي شروعات ڪئي ته تڏھن فقط سانئڻ نور ناز آغا صاحبه ۽ سندس ور سائين شھريار مرزا ئي اھڙا ڪردار ھئا جن بنا ڪنھن معاوضي جي اسان کي قانوني معاونت جي آڇ ڪئي ۽ عدالت ذريعي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ نھايت اھم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو ڪٽنب پوليس گردي خلاف مھاڏو اٽڪائڻ ۾ اھل ٿي سگھيو!

سانئڻ نور ناز جي وڇوڙي جي خبر دل کي ڌوڏيندڙ ثابت ٿي آھي! جو سندس وڇوڙي سان مون جھڙا لاتعداد فرد ۽ خاندان انساني ۽ قانوني حقن جي حوالي سان ھڪ شفيق ڪردار کان محروم ٿي ويا آھن!

سندس وڇوڙي تي سائين شھريار مرزا، ڀائرن/ڀينرن ۽ خاندان سان گھري ڏک جو افسوس ڪجي ٿو!

ذلفي ميراڻي جي پوسٽ

**

ايڊوڪيٽ نور ناز آغا، حيدرآباد سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾انساني حقن لاءِ ھڪ متحرڪ، اعلي ۽ اتم سوچ واري عورتاڻي توڙي سماج جي ھر ھڪ طبقي جي حقن جو حامي ڪردار رھي آھي.

1988 کان وٺي 1996ع تائين ھو اسان جي سنڌي قومي ساٿ جي پليٽ فارم تان ھلايل ڏتڙيل سنڌين جي آباد ڪاري، ٽنڊو بھاول ڪيس ۽ باندي کيت مزدورن جي تحريڪ تي وس پڄندي ھر فورم تي اسان جي کنيل مسئلن تي ڳالھائڻ ۾ ڪا ھٻڪ محسوس نه ڪندي ھئي. مون کي حيدرآباد سيشن ڪورٽ ۾ سڏائي صلاحون به ڏيندي ھئي. 2 سال اڳ مون ڪراچيءَ ۾ ڏانھس ھڪ خاتون جو ڪيس قانوني مدد لاءِ اماڻيو ھو. ھڪ ڀيرو ڳالھائڻ کان پوءِ وري ڪونه ڳالھائين، ان تي ڪنھن پراڻي قومي ڪارڪن ذوالفقار ميراڻي ٻڌايو ته ھن جي صحت بھتر ناھي.

اڄ ھو اسان ۾ نه آھي، پر گهٽ ۾ گهٽ حيدرآباد جي متحرڪ سماجي ماحول ۾ ھن جو ادا ڪيل اعلي متحرڪ ڪردار گهڻن خدائي خدمتگار مزاج وارن انسانن کي اتساھيندو رھندو! سنڌ جي ساڃھه وند تاريخ ۾ ھن جو ڪردار امر ۽ ھڪ گس سونھين وارو ٿي قائم رھندو!

قريشي حفيظ عقيلي  جي پوسٽ

**

مون ڪجهه سال اڳ هيء تصوير فيس بڪ تي رکي، جنهن تي ادي ارشاد عباسيءَ ڪمينٽ ڪيو ته ”ٽئي زور عورتون“. تنهن بعد جڏهن ادي نور ناز آغا وٽ ادي حميده ۽ منهنجو وڃڻ ٿيو ته ڳالهين دوران ٻڌايومانس ته ادي ارشاد عباسي اسان ٽنهي کي زور عورتون پئي چيو. ان تي ڏاڍيون کليونسين.

اڄ ادي ارشاد عباسي به ناهي ۽ ادي نور ناز آغا به وڇوڙو ڏئي وئي. ٻئي سنڌ جو اثاثو ۽ تاريخ ساز عورتون هيون، جن تي ضرور تفصيل سان لکبو. گذريل هفتي ادي حميده چيو ته هل ته ادي نور ناز آغا سان ملي اچون. هوءَ اسپتال ۾ آهي. جنهن ڏينهن اسان کي ساڻس ملڻ وڃڻو هو ان ئي ڏينهن ،اسر ويل اسان جو موڀي ڀاءُ (ڀيڻ قمر جو گهروارو) طاهر عباس وڇڙيو ته اسين ان حادثي کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي وياسين. سوچيوسين ته ٻيهر وينداسين پر اهڙو موقعوئي نه آيو ۽ ڪالهه هيءَ ڏکاري خبر ملي. اڄ انتهائي ڏک واري گهڙيءَ ۾ ادي نورناز آغا جو ڳالهائڻ جو منفرد انداز، سندس ڳالهيون، گفتا ۽ ٽهڪ ڪنن ۾ گونجن ٿا. موت کي مهڻو ناهي، پر پيارن ماڻهن جو وڇوڙو ماري ٿو ڇڏي…

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا….

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.