طاقت جو اصل محور ڪير هئڻ کپي؟ 

تحرير: سجاد ٻرڙو

ٻه ڏينهن اڳ طورخم بارڊر تي هڪ دهشتگرد ڪارروائي دوران هڪ سپاهي محمد عثمان شهيد ٿي ويو، پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ جنهن جي شادي حج واري عيد کان پنج ڏينهن بعد طئي ٿيل هئي ۽ سندس امڙ ۽ ڀينرون شاديءَ جي سامان جي خريداري ۾ مصروف هيون، هن جي ڀينرن کي ڪهڙي خبر هئي ته جنهن ڀاءُ کي هو ميندي هڻي ۽ سندس لاڏا ڳائي نئين زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ جا سپنا پيون ڏسن اهو "گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان” منجهان ڪنهن هڪ جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي لاش جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ايندو ۽ سندن سڀني سندر سپنن جي کين ڀيانڪ ساڀيان ملندي.

هڪ طرف دهشتگرد ته لڳاتار ڀينرن جي جيئڻ سهارا کسي مائرن جون هنجون ۽ ونين جون ٻانهون ويران ڪرڻ ۾ پورا آهن ته ٻئي طرف وري اسان وٽ طاقتور ڌريون دهشتگردن سان ڳالهين وارو "راڳ الاپڻ” ۾ پوريون آهن ۽ ائين ڪرڻ وقت دهشتگردي ۾ حياتيون وڃائيندڙ اهلڪارن توڙي شهرين جي وارثن ۽ ملڪ جي عوام جي خواهشن جو پڻ کين ڪو احترام ئي ناهي.

اڃا به ايئن چئجي ته طاقتور ڌرين وٽ عوامي خواهشن ته ڇا ملڪ جي اهم ترين سياسي ڌرين جي خواهشن جو پڻ احترام نه آهي نه ته پيپلز پارٽي جهڙيءَ ريت دهشتگردن سان ڳالهين واري مامري تي پنهنجا دليل رکيا هئا جنهن ۾ هنن انگ اکر به ڏنا ته گهٽ ۾ گهٽ ان تي ڌيان ڌرڻ لازمي هيو.

دهشتگرد به اهڙا جن جي دهشتگرد ڪارروائين ۾ فوجي جوانن سميت 70 کان 80 هزار شهري شهيد ٿي چڪا هجن، جيڪي بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ ملوث رهيا هجن، جن جي ڪري ملڪ کي معاشي طور وڏو نقصان پهتو هجي ته پيپلز پارٽي جي موقف موجب اهڙي ڌر سان ڳالهين ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ ۽ حڪومت کي عوامي خواهشن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ گهرجي ها پر باخبر صحافين موجب ان معاملي ۾ به ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ جي پاسي بيٺل نظر اچي رهي آهي، ڇوته جڏهن کان اتحادي حڪومت آئي آهي تڏهن کان نواز ليگ ليگ اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ ويٺل آهي، جنهن جو مثال آيس آءِ کي سول ڪامورا شاهي جي مقررين، بدلين ۽ ترقين جا اختيار ڏيڻ آهي (تازو سيڪيورٽي ادارن طرفان ترديد باوجود به هڪ ڀيرو ٻيهر ملازمت ۾ واڌ وارا چوٻول) جنهن تي پڻ اتحادين خدشا ظاهر ڪيا هئا ته کين اعتماد ۾ وٺڻ بنا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آمر پرويز مشرف تي ته ميان نواز شريف ئي ٻه ڀيرا آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو ته ان مامري تان پڻ نواز ليگ هٿ کڻي چڪي آهي ۽ اهڙي وقت سياسي حلقن ۾ نواز ليگ جي هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ حامي پاليسي تي سوال اٿي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهھ اخباري رپورٽن موجب پ پ جي هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ سان اصولي اختلافن جي سياس حلقن ۾ حمايت ڪئي پئي وڃي، پ پ جو موقف آهي ته اتحادين سميت سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي اهڙي مداخلت آڏو بند ٻڌڻ گهرجي(مطلب سمورا مامرا سياسي ڌرين جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن).

جڏهن ته ان حوالي سان نواز ليگ مڪمل ريت مقتدر حلقن جي هٿ جي ڪٺ پتلي وارو ڪردار ادا ڪندي محسوس پئي ٿئي، جيئن دهشتگردن سان ڳالهين بابت وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ٿيل هڪ اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون، سندس چوڻ موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو.

هاڻي اسان وٽ اها سڀني کي خبر آهي ته پارليامينٽ جي ان ڪيمرا اجلاس دوران ڇا ٿيندو آهي، بس هڪ ايجنڊا پيش ڪئي ويندي، ان تي ملڪ جي طاقتور ڌرين جو ڪو نمائندو مختصر بريفنگ ڏيندو ۽ ان بريفنگ جي آڌار تي سڀني کان "منظوري” ورتي ويندي! ۽ ڪنهن کي به ان "بريفنگ” تي سوال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جو راڄ آهي پر ملڪي سياست کان واقف سمورا "ڄاڻو حلقا” چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿا ته جمهوريت جي آڙ ۾ "سول مارشل لا” لاڳو ٿيل آهي! ۽ اهڙو اظهار مختلف وقتن تي مدي کان اڳ حڪومتون وڃائيندڙ سول حڪمران وڏي واڪ ڪندا رهيا آهن ته "اسان جا هٿ پير ٻڌل هوندا هئا ۽ سڀ ڪجهھ "ڪنٽرولڊ” هوندو هيو”.

ان جي پس منظر ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان رياست جي طاقت ۾ رهندڙ شخصيتن طرفان هڪ بيانيو وڏي زور ۽ شور سان جاري ڪيو ويندو رهيو آهي ته "هي انتهائي نازڪ وقت آهي سو سڀني کي صبر کان ڪم وٺندي حڪومتي اختيارين تي ڀروسو قائم رکڻ گهرجي ۽ انهن جي هر قسم جي پاليسي تي لبيڪ چوڻ گهرجي”، پر گذريل ڪجهھ ورهين کان اهو بيانيو بار بار ورجايو پيو وڃي ته اهڙي وقت "غدار بنگالين” جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو پاڪستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان وڏي اهميت رکندڙ آهي، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان ان وقت جي اوڀر پاڪستان ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ خطاب ڪندي چئي رهيو آهي ته ”

اڄ مان صدر يحي سان مليو آهيان ۽ ان سان مخلتف مامرن تي ڳالهايو آهي، مان ان سان صرف بنگال جي اڳواڻ طور ناهيان مليو، مان ان سان پوري پاڪستان جي اڳواڻ طور مليو آهيان ۽ مون کيس درخواست ڪئي آهي ته قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 15 مارچ تي گهرايو وڃي.

شيخ مجيب الرحمان ان وقت اوڀر پاڪستان جي رهواسين کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته "اسين پاڪستاني آهيون ۽ اسين پاڪستان جا اڪثريتي ماڻهو آهيون” ته ان جي جواب ۾ لکين ماڻهن جو ميڙ پڻ بلند آواز سان شيخ مجيب الرحمان جا اهي لفظ ورجائي ٿو.

ان کان بعد شيخ مجيب الرحمان موجوده پاڪستان جي رهواسين لاءِ ڳالهائيندي چوي ٿو ته "مان هن ملڪ جي اولهھ واري حصي جي ماڻهن کي به درخواست ڪريان ٿو ته اوهين اسان جا ڀائر آهيو، مان اوهان کي درخواست ٿو ڪريان ته هن ملڪ کي دوزخ نه بڻايو، هن ملڪ کي تباھ نه ڪريو، جيڪڏهن اسان پر امن طريقي سان پنهنجا مسئلا حل ڪري ورتا ته اوڀر توڙي اولھ ٻئي حصا ڀائر بڻجي رهندا.”

انهن لفظن کان بعد شيخ مجيب الرحمان چوي ٿو ته” مان درخواست ٿو ڪريان ته مارشل لا کي ختم ڪيو وڃي”.

وڌيڪ هو پنهنجي ماڻهن کان عهد به وٺي ٿو ۽ کين ياد به ڏياري ٿو هنن لفظن ۾ ته ” ياد رکو ته اسان هن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ رت ڏنو ۽ رت ڏينداسين ۽ الله تعالي جي مدد سان اسان هن ملڪ جي ماڻهن کي مارشل لا کان آزادي ڏيارينداسين، هن ڀيري اسان جي جدوجهد مارشل لا کان هميشه لاءِ آزاديءَ واري جدوجهد آهي.”

آخر ۾ نعرو هڻي ٿو ته ” بنگال زنده باد، پاڪستان زنده باد ”

شيخ مجيب الرحمان جي ان مختصر تقرير جو ئي گهرائي سان جائزو وٺجي ته اسان کي ماضيءَ ۾ ڪيل خطرناڪ غلطين جي به خبر بنا ڪنهن” حمود الرحمان ڪميشن ” واري رپورٽ پڙهڻ جي پئجي وڃي ٿي ته ان وقت ملڪ ٻه اڌ ڪنهن جي ڪري ٿيو هو ۽ غدار بنگالي هيا يا "ڪي ٻيا” ۽ باقي بچيل پاڪستان جي مسئلن جو حل به نظر اچي ٿو ته مارشل لا (سول مارشل لا يا ڪنٽرولڊ جمهوريت کان به) کان آزادي حاصل ڪئي وڃي ته پراڻو اولھ پاڪستان به ماضيءَ جي اوڀر پاڪستان( هن وقت بنگلاديش) جيان ترقي جي راھ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ طاقت جو محور تبديل ڪرڻ ڏانهن وک نه وڌائي وئي ته پوءِ هن ملڪ جي طاقتور ڌر منجهان هڪ ڌڙي جو لاڏلو ملڪ ۽ فوج جي حوالي سان "اڳڪٿي” ته اڳواٽ ڪري چڪو آهي ۽ اها "اڳڪٿي” پوري ٿئي يا نه پر ان کان پهريان ڪڏهن بينظير ڀٽو جي صورت ۾ ڄاتل سڃاتل سياستدانن ۽ ڪڏهن محمد عثمان جي صورت ۾ گمنام سپاهين جا لاشا کڻڻ مقدر بڻيل هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.