ون يونٽ جي خاتمي جي گولڊن جوبلي: ڪراچي پريس ڪلب ۾ سيمينار

دي انٽيليڪچوئل فورم پاران ون يونٽ جي خاتمي جي گولڊن جوبلي جي عنوان هيٺ ڪراچي پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار جي صدارت چيئرمين مسعود نوراني ڪئي جڏهن ته سيد غلام شاھ، امان ﷲ شيخ، عبدالخالق جوڻيجو، پروفيسر اعجاز قريشي، مھتاب اڪبر راشدي، نديم اختر، عبدالوهاب بلوچ ،سجاد احمد چانڊيو، اي بي لاشاري ۽ غلام اڪبر ملڪ خاص مهمان طور شريڪ ٿيا.

سيمينار کي خطاب ڪندي مظهر واهوچو جو چوڻ هو ته ڪراچي اڄ نج سنڌين جي ناهي رهي. ڪراچي شهر سڀني جو آهي، رڳو سنڌين جو ناھي. هتي دنيا اچي ٿي پر سنڌين لاءِ هن شهر ۾ ڪو حق ناهي ڏنو ويو.

عبدالوهاب بلوچ جو چوڻ هو ته سنڌ جو وجود پاڪستان سان رهڻ ۾ بهتر آهي، ڇو جو پاڙي وارا ملڪ اسان جي رويي سان متفق آهن جنهن سان پاڪستان مضبوط ٿئي ٿو، پر ان جو اهو مقصد ناهي ته اسين سنڌ جي وسيلن ۽ ايندڙ نسلن تي سودو ڪيون.

ان موقعي تي مھتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته ٻولي، وسيلن ۽ زمين تي اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٿي هلڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ لک رپيا پگهار کڻندڙ استاد ڇو نه ٿو پڙهائي، جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته پاڻ کان شروع ڪرڻي پوندي.

سيمينار کي امان ﷲ شيخ، اعجاز قريشي،  عبدالخالق جوڻيجي، سيد غلام شاهه، مسعود نوراني ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.