گهوٽڪي ۾ سماجي تنظيمن پاران مڪاني چونڊن ۾ عورتن جي نمائندگي لاءِ مهم جاري

گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ عورتن جي نمائندگي لاءِ سماجي تنظيمن پاران آگاهي مهم هلندڙ آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳواڻن طرفان پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي.

سماجي تنظيمن سيپ، جذبا ۽ عورت فائونڊيشن جي اڳواڻ علي حسن مهر، جنت خاتون، زنيرا دايو ۽ رضيا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سموري پاڪستان ۾ چونڊن ۾ عورتن جي نمائندگي لاءِ آگاهي مهم هلائي رهيا آهيون.

سندن چوڻ هو ته اسان جو مقصد اليڪشن ۾ وڌيڪ سڌارا ۽ صوبائي حڪومتن سان لابنگ ڪري عورتن جي اهميت واضح جاءِ ڏيارڻ آهي.

اڳواڻن اپيل ڪئي ته پنهنجي منشور ۾ عورتن کي اهميت ڏئي انهن کي فيصلا سازي ۾ شريڪ ڪيو وڃي ۽ سمورين پارٽن کي هن اهم مسئلي تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.