ڌاٻيجي ۾ عوامي پارڪ تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ڌاٻيجي يونين ڪائونسل جي عوامي پارڪ تي قبضي خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جسقم ۽ سماجي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

اڳواڻن نظام جوکيو، رشيد بلوچ ۽ ٻين چيو ته روينيو انتظاميا جي ملي ڀڳت سان تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمين تي قبضي کانپوءِ عوامي پارڪ تي قبضو ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته ڪراچي جي لينڊ مافيا مقامي انتظاميا سان گڏجي قبضو ڪري پلازا جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي جيڪو برداشت نه ڪبو.

سندن چوڻ هو ته لينڊ مافيا پنهنجو قبلو درست ڪري ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.