ڪوٽڙي: پوليو جي خاتمي واري مهم بابت ڊي سي جي صدارت هيٺ اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن ريٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ چيو آيه ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

ڪوٽڙيءَ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اين اسٽاف آفيسر پاران ٻڌايو ويو ته 27 جون کان پهرين جولائي تائين مھم ۾ تعلقي ڪوٽڙي جي 4 چار يوسين ۽ مانجھند جي يوسي ۾ 59 ھزار ھڪ سو 22 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارا ويندا

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪورونا جا به ڪيس ظاھر ٿيا آھن انھي لاءِ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ڇو جو علاج کان احتياط بھتر آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.