ڇا عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ سان پاڪستان ۾ اگهه گهٽ ٿيندا؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سان حڪومت لاءِ پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جي گنجائش پيدا ٿيندي؟

پيٽروليم مارڪيٽ جا ماهر سمجهن ٿا ته عالمي اگهه ڪِرڻ سان اميدون ته وڌيون آهن ته حڪومت پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائي، اندازا آهن ته ڪچي تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 10 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ سان پيٽروليم شين جا اگهه 22 رپين تائين گهٽ ٿي سگهن ٿا.

پر سڀئي ماهر ان ڳالهه سان متفق ناهن، ڪيپيٽل اسٽيڪ جي ڊائريڪٽر ماها بٽ جو خيال آهي ته حڪومت وٽ گنجائش ته آهي پر ايتري ناهي ته پيٽروليم ليوي تي 50 رپيا ايڊجسٽ ڪري سگهي، ان ڪري اگهه ته وڌائڻا پوندا.

الفلاح سيڪيورٽيز جي ريسرچ هيڊ فهد عرفان ڪچي تيل بدران ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت جي مقامي قيمت تي امڪاني اثر جو اندازو لڳايو آهي.

بي ايم اي جي ڊپٽي ريسرچ هيڊ عبدالرحمان موجب ڪچي تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان هيٺ اچي ته مقامي قيمت ڪجهه گهٽ ٿي سگهي ٿي پر حڪومت قيمت برقرار رکي پيٽروليم ليوي ۽ جي ايس ٽي جا هدف پورا ڪندي.

ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪچي تيل جي عالمي قيمت ۽ ڊالر جي قدر سان مشروط آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته حڪومت ان حوالي سان ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري، پيٽرول جي قيمتن بابت ايندڙ نوٽيفڪيشن اچڻ ۾ به هڪ هفتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.