ميرا جي عمر گهڻي آهي؟ هاڻي هو بلوچي ڇو سکي رهي آهي؟

پاڪستاني فلمن جي مشهور اداڪارا ميرا جي انگريزي ته اڳ ئي مشهور آهي ۽ هاڻي هن بلوچي جي سکيا وٺڻ به شروع ڪري ڇڏي آهي.

اداڪارا ميرا ڪراچيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سندس عمر بابت غلط فهميون پکيڙين ٿا.

ياد رهي ته گوگل جي ڄاڻ موجب اداڪارا ميرا جي عمر 45 سال آهي پر ميرا ڪيترائي ڀيرا پنهنجي عمر بابت سوالن جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ٿيندي آهي.

ميرا چيو ته شاهه رخ خان جي پٽ سان سٺو نه ٿيو، ان کانپوءِ پنهنجي ٻارن کي برائي کان بچائڻو آهي.

اداڪارا ميرا ڪجهه وقت اڳ حڪومت کان سهڪار جي اپيل ڪئي هئي جنهن تي سندس چوڻ هو ته هن حڪومت کان پنهنجي لاءِ نه پر فلم انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيسا گهريا هئا، حڪومت کي اپيل ڪئي هئي ته فلمون پروڊيوس ڪرڻيون آهن جنهن لاءِ فنڊز ڏنا وڃن.

اداڪارا حڪومت کي صلاح ڏني ته ملڪ ۾ اداڪاري لاءِ ادارا ٺاهڻ گهرجن، هن چيو ته گهڻيون ئي فلمون آهن جيڪي ڏسڻ لائق ئي ناهن پر اهي به سينما گهرن ۾ ڏيکاريون وڃن ٿيون پر منهنجي فلم سوهڻي ماهيوال کي سينما گهرن ۾ ڇو نه هلايو ويو؟

ان ئي دوران اداڪارا جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ چيائين ته ڊسٽري بيوٽر ۽ سينما پاڪستاني فلمن جي حوصلا افزائي ڇو نٿا ڪن؟

ميرا وڌيڪ چيو ته هاڻي مان هڪ ڪردار لاءِ بلوچي ٻولي سکي رهي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.