وٽامن ڊي کوٽ جا وڏا نقصان، زندگي خطري ۾

وٽامن ڊي جي کوٽ دماغي تنزلي جو سبب بڻجندڙ بيماري ڊيمنيشيا جو خطرو وڌائيندي آهي.

آسٽريليا ۾ ٿيل تازي تحقيق موجب ڊيمينشيا جي شڪار مريضن ۾ عمر وڌڻ سان گڏ سوچڻ سمجهڻ ۽ يادگيري جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

تحقيق ۾ پهريون ڀيرو جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ ۽ ڊيمينشيا وچ ۾ سڌو سنئون تعلق لڌو ويو آهي.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وٽامن ڊي جي کوٽ سبب دماغي وزن گهٽبو آهي، جڏهن ڊيمينشيا ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي.

تحقيق موجب ڊيمينشيا جي 17 سيڪڙو ڪيسز جي روڪٿام ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ ختم ڪري  ڪري سگهجي ٿي.

تحقيق ۾ 2 لک 94 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو ته جيئن وٽامن ڊي جي کوٽ ۽ دماغي بيمارين وچ ۾ تعلق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي.

محقق ٻڌايو ته نتيجا ڊيمينشيا جي روڪٿام جي حوالي سان انتهائي اهم آهن ۽ ان ضرورت تي زور ڏين ٿا ته ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي.

هن چيو ته وٽامن ڊي جسم سان گڏوگڏ دماغي صحت لاءِ پڻ اهم هوندو آهي پر هنيئر تائين اسان ڄاڻي ناهيو سگهيا ان جي کوٽ جا ڪهڙا اثر پوندا آهن.

سندن چوڻ هو ته هي پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ جي نتيجي ۾ ڊيمينشيا ۽ فالج جي خطري کي ثابت ڪيو ويو آهي.

ماهرن چيو ته سڄي دنيا دماغي تنزلي سبب ان بيماري جي شرح ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي جيڪا خاندانن لاءِ ڀوائتي صورتحال ثابت ٿي سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چي ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وڃي ته ڪو به وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار نه ٿيندو  ته اسان اسان هزارين ماڻهن جي صحت کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.