پاڪستان ايل اين جي ڪارگو جي خريداري لاءِ ٻولي وصول ٿيڻ باوجود پريشان!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي جولاءِ ۾ ايل اين جي جي چار اسپاٽ ڪارگوز جي خريداري لاءِ جاري ڪيل ٽينڊرن تي رڳو هڪ ٻولي وصول ٿي ۽ اها به 39.80 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي مهانگي ترين ٻولي آهي.

هاڻ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ ڪمپني جو بورڊ فيصلو ڪندو ته ان مهانگي ترين ٻولي وارو ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻو به آهي يا نه؟

پيٽروليم ڊويزن جي ڪمپني پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جولاءِ ۾ چار اسٽاپ ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا هئا ۽ عالمي ڪمپنين کان ٻوليون طلب ڪيون هيون.

ٽينڊر 3 کان 4 جولاءِ، 8 کان 9 جولاءِ، 25 کان 26 جولاءِ ۽ 30 کان 31 جولاءِ جي سپلاءِ لاءِ هئا پر ڪمپني کي 30 کان 31 جولاءِ جي سپلاءِ لاءِ ر ڳو هڪ ٻولي وصول ٿي، جيڪا قطر انرجي ٽريڊنگ جمع ڪرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.