ٿلها ماڻهو هي 10 غذائون کائي سنهڙا بڻجي سگهن ٿا !

ٿولهه مان آجپي لاءِ جاکوڙيندڙن لاءِ ماهرن 10 اهڙيون شيون ٻڌايون آهن جن جي استعمال سان کين ٿولهه مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

رپورٽ موجب انهن شين ۾ يوناني ڏهي، ناشپاتي، دارچيني، آنا، ساوا مرچ، بليو بيري، هول گرين، سائي چانهه، گل گوبي ۽ سامن مڇي شامل آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏهي ۾ امائنو ايسڊز، وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيم جهجهي مقدار ۾ هوندا آهن جيڪا چرٻي ڳارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.

ناشپاي ۾ وٽامن بي 6 هوندو آهي جيڪو وزن گهٽائڻ جي حوالي سان فائديمند هوندو آهي.

دارچيني بک گهٽائڻ وارن خواصن جي ڪري مشهور آهي ان کانسواءِ بلڊ شوگر ليول کي منتظم ڪري ٿي ۽ ميٽابولزم کي تيز ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٿولهه مان ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.

اهري ريت ٻيون سموريون شيون غذائي خاصيتن جي ڪري ٿولهه مان آجپي لاءِ اهميت رکن ٿيون.  

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.