تحريڪ انصاف جو حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن کي ”لوٽو“ چونڊ نشان ڏيڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعتن کي گڏيل چونڊ نشان ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪٻئي خلاف جنگ لاءِ تيار رهندڙ جماعتون چونڊ اتحاد ڏانهن وڌي رهيون آهن، لازمي آهي ته انهن سڀني جماعتن کي هڪ چونڊ اتحاد تصور ڪيو وڃي.

هن خط ۾ چيو آهي ته انهن جماعتن کي انفرادي چونڊ نشان روڪي گڏيل چونڊ نشان ڏنو وڃي، اسان جي راءِ ۾ ان گهڻ جماعتي اتحاد لاءِ ”لوٽو“ موزون ترين چونڊ نشان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.